عيد کان اڳ سون جي اگهه ۾ وڏي پيماني تي لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ عيد کان اڳ سون جي اگهه جي هزارين رپين جي لاٿ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 24 هزار 300 رپين جي وڏي لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 4 لک 99 هزار 462 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 20 هزار 833 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 28 هزار 208 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 243 ڊالر لاٿ سان 4767 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.