اسلام آباد(امتياز گل) آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف جنگ هاڻي ٽئين هفتي ۾ داخل ٿي وئي آهي، يعني لڳ ڀڳ 18 ڏينهن ٿي چڪا آهن۔ ان سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڇڪتاڻ به تيزي سان وڌي رهي آهي۔گذريل ٻن هفتن کان پاڪستان ٽي ٽي پي جي مبينا مرڪزن تي ڪابل ۽ قنڌار ۾ حملا ڪري رهيو آهي۔ افغان دفاع واري وزارت به پاڪستان اندر ڊرون حملا ڪرڻ جو اعتراف ڪري چڪي آهي۔ڪجهه عالمي ميڊيا جهڙوڪ بي بي سي ۽ الجزيره رپورٽ ڪيو ته پاڪستاني جهازن منشيات جي بحالي مرڪز کي نشانو بڻايو، جڏهن ته طالبان وڏي جاني نقصان جا دعويٰ ڪيا۔پر پاڪستان جو موقف آهي ته هن رڳو دهشتگردن ۽ فوجي ڍانچي کي نشانو بڻايو، نه ڪي شهري يا طبي سهولتون۔هي صورتحال غير معمولي آهي، ڇو ته پهريون ڀيرو پاڪستان افغانستان اندر اهڙي شدت سان حملا ڪري رهيو آهي۔ٻئي پاسي ايران جي شهرن تهران، تبريز ۽ شيراز ۾ به حملا ٿيا۔ شيراز، جيڪو ثقافتي ورثي لاءِ مشهور آهي، پڻ متاثر ٿيو،حزب الله لبنان مان اسرائيل خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي، جڏهن ته اسرائيل به لبنان ۾ سخت حملا ڪري رهيو آهي۔ايران پڻ اسرائيل تي ميزائل حملا ڪيا ۽ دعويٰ ڪئي ته هن جديد "سجيل” بيلسٽڪ ميزائل استعمال ڪيو آهي،آبناءِ هرمز مان ايران ڪجهه ملڪن جهڙوڪ پاڪستان، چين، ترڪي ۽ ڀارت کي تيل جي آمد و رفت جي اجازت ڏني آهي، پر باقي دنيا لاءِ رستو محدود آهي۔هن صورتحال سبب تيل جي فراهمي متاثر ٿي عالمي واپار سست ٿي ويو ڀاڻ (fertilizer) جي سپلاءِ متاثر ٿي،ڪيترن ملڪن ۾ صنعتون متاثر ٿيون جڏهن ته نار وارا ملڪ هاڻي آمريڪا کان مايوس نظر اچي رهيا آهن۔ انهن جو خيال آهي ته هنن آمريڪا سان اتحاد ڪيووڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪئي پر پوءِ به هو حملا برداشت ڪري رهيا آهن ڪيترن ملڪن ٽرمپ جي درخواست باوجود جنگي جهاز موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو۔آمريڪا جي پاليسي تي تنقيد وڌي رهي آهي۔ ڪجهه تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته:جنگ جو واضح مقصد نظر نٿو اچي،اتحادي ملڪ به مڪمل ساٿ نٿا ڏين عالمي اتحاد ڪمزور ٿي رهيو آهي آمريڪا اندر به تنقيد ٿي رهي آهي ته هي جنگ بين الاقوامي قانون جي خلاف آهي۔ايران هڪ نئين حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي،31علائقائي ڪمانڊرز کي خودمختياري ڏني وئي جيڪڏهن مرڪزي قيادت ختم ٿي وڃي، تڏهن به جنگ جاري رهي ان ڪري جنگ کي روڪڻ هاڻي آسان ناهي۔ آمريڪا ۽ اسرائيل شروعاتي فوجي برتري حاصل ڪئي پر ايران اقتصادي جنگ ۾ مضبوط ٿي رهيو آهي،آبناءِ هرمز تي ڪنٽرول اهم بڻجي ويو آهي خليجي ملڪ غير يقيني ۽ پريشاني ۾ آهن عالمي طاقت جو توازن تبديل ٿيندو نظر اچي رهيو آهي