لنڊن (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهر واري جمائما گولڊ اسمٿ وزيراعظم شهباز شريف کان پنهنجي پٽن، قاسم ۽ سليمان خان جي پنهنجي والد سان ملاقات لاءِ اپيل ڪئي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ جمائما چيو ته سندس پٽن جنوري ۾ ويزا لاءِ درخواستون ڏنيون هيون، پر 60 ڏينهن گذرڻ باوجود کين ويزا نه ڏني وئي آهي، جڏهن ته عام طور تي اهو عمل 10 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته 2022 ۾ عمران خان تي ٿيل قاتلاڻي حملي کانپوءِ پٽن جي والد سان ملاقات ناهي ٿي ۽ کين فون يا خط جي به سهولت ناهي ڏني وئي. جمائما وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته انساني بنيادن تي پٽن کي پنهنجي والد سان ملڻ جي اجازت ڏني وڃي.