امن جو الڪو رکندڙ ملڪ ايران خلاف اڳرائي جي مذمت ڪن:عباس عراقچي

تهران(عوامي آواز نيوز)ايراني پرڏيهي وزير  عباس عراقچي چيو آهي ته جن ملڪن کي امن ۽ سلامتي بابت تحفظات آهن، انهن کي ايران جي خلاف جارحيت جي مذمت ڪرڻ گهرجي.عباس عراقچي اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس سان ٽيليفون تي ڳالهه ڪئي.عراقچي جو چوڻ آهي ته آبناءِ هرمز جي صورتحال ايران تي مسلط ڪئي وئي آهي ۽آمريڪا ايران سان جنگ کان الڳ نه ٿي سگهيو. هن چيو ته اقوام متحده ايران تي حملن جي بلا امتياز مذمت ڪري ۽ اقوام متحده جي منشور تحت جارحيت ڪندڙن کي جوابده ٺهرايو وڃي

  1. ڪرپشن ۽ بدانتظامي سنڌ جا سُور ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن:ڪاشف شيخ

ڪراچي/سکر(پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير  ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي ته بي آءِ ايس پي پروگرام توڙي کير وارن جانورن جي ورھائڻ سان نه پر حڪومتي گوڊ گورننس ڪرپشن جي خاتمي ۽ عدل انصاف واري اسلامي نظام جي قيام سان ئي غربت جو خاتمو ،سنڌ ترقي ۽ عوام جا مسئلا حل ٿي سگھن ٿا.سنڌ ۾ 18سالن کان لاڳيتو پ پ جي حڪومت آھي پر ڪرپشن، جيالا نوازي ۽ خراب ڪارڪردگيءَ ڪري عوام ۽ سنڌ جا حال ھيڻا ۽ سور ٻيڻا ٿيندا پيا وڃن. پ پ سکر ضلعي سميت سڄي سنڌ  ۾ ھڪ يوسي يا تعلقو ماڊل طور پيش نٿي ڪري سگھي جنھن ۾ عوام کي صاف پاڻي تعليم سميت زندگيءَ جون مڪمل سهولتون فراهم ھجن. سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو شھر پيئڻ جي پاڻيءَ ، اسٽريٽ ڪرائيم سميت بي شمار مسئلن جو شڪار آھي، جماعت اسلامي سنڌ ۾حقيقي تبديلي ۽ سنڌ کي سنوارڻ لاءِ بدلايو نظام کي سنواريو سنڌ کي تحريڪ شروع ڪري ڏني آھي. ان ڏس ۾ عيد کان پوءِ ڀرپور تحريڪ شروع ڪئي ويندي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن سکر ۾ صحافين جي مان ۾ ڏنل افطار ڊنر جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو. ان موقعي تي حافظ نصرالله چنا، علامه حزب الله جکرو، زبير حفيظ شيخ ۽ مجاھد چنا پڻ خطاب ڪيو هن چيو ته  اپيسٽين فائلز ۾ٽرمپ سميت جانورن ۽ پکين جي حقن جي دعويدارن جي جنسي درندگي کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آھي. دنيا ۾ جنگيون ختم ڪرڻ جي دعويدار ٽرمپ بلاجواز ايران تي حملو ۽ غزہ ۾ انسانيت جو قتل عام ڪرائي دنيا کي ٽئين عالمي جنگ جي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي.ٻين ملڪن کان مدد جي اپيل ٽرمپ جي ناڪامي آھي. اھو قدرت جو قانون آهي ته جيڪو ٻين لاءِ کڏ کوٽيندو آھي اھو سڀ کان پھرين پاڻ ان ۾ ڪرندو آھي. ھن چيو ته  سموري مسلمان امت غزہ ۽ ايران جي مظلومن سان گڏ بيٺل آھي پر بدقسمتيءَ سان مفاد پرست مسلمان حڪمران ٽرمپ ۽ ياھو سان گڏ آھي جنھن کي تاريخ ۽ امت معاف ڪو نه ڪندي. ھن گھر ڪئي ته حڪومت کي  صرف ايران مٿان حملي جي مذمت پر ظلم جو شڪار ايران جي مظلوم مسلمانن سان گڏ بيھڻ  گھرجي. ھن سکر ۾ ريلوي پريم يونين مرڪزي جنرل سيڪريٽري خير محمد تنيوجي گھر ٻاھران چوري ٿيل گاڏي جي واپسي جي گھر ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.