هيملٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا 68 رنسن تان هارائي پنجن ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي.
هيملٽن ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي ميزبان نيوزيلينڊ کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.
نيوزيلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 175 رنسون ٺاهيون.
اوپنر ڊيوون ڪانوي 60 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته جوش ڪلارڪسن 9 بالن تي 26 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
ڏکڻ آفريڪا جي ويان مُلڊر ٻه، جيرالڊ ڪوئٽزي، اوٽنيل بارٽمين، ڪيشو مهاراج ۽ جارج لنڊي هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
نيوزيلينڊ جي 176 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي ڏکڻ آفريڪي ٽيم 15.3 اوورن ۾ 107 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
جارج لنڊي 33 رنسن جي نمايان اننگز کيڏي.
نيوزيلينڊ طرفان لاڪي فرگوسن ۽ بين سيرز 3،3، مچل سينٽنر 2 جڏهن ته ڪول ميڪونچي ۽ جمي نيشم هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
شاندار بيٽنگ تي ڊيون ڪانوي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ٿي وئي آهي، سيريز جي ٽِين ميچ 20 مارچ تي، چوٿين 22 مارچ تي ۽ پنجين ۽ آخري ميچ 25 مارچ تي کيڏي ويندي.
You might also like