اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ خراب ڪارڪردگي ۽ بنگلا ديش هٿان سيريز ۾ 1-2 تان شڪست کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي سليڪشن ڪميٽي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ شاهد آفريدي چيو ته ”سليڪشن ڪميٽي ۾ شامل ماڻهن کي خبر ئي ناهي ته ڪهڙي رانديگر کي ڪهڙي فارميٽ ۾ ڪپتان بڻائڻ گهرجي.“
هن چيو ته ٽي ٽوئنٽي ڪارڪردگي تي ون ڊي فارميٽ جي سينيئر رانديگرن کي ڊراپ ڪيو ويو.
اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته ” سرجري جي نالي تي نوجوان رانديگرن کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته اصل سرجري سليڪشن ڪميٽي جي ٿيڻ گهرجي.“
هن وڌيڪ چيو ته اهڙن نوجوانن کي چونڊيو پيو وڃي جن فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ تمام گهٽ ميچون کيڏيون آهن ۽ علائقائي ڪرڪيٽ جو معيار به اهڙو ناهي جو اتان مسلسل اعليٰ رانديگر نڪري سگهن.
بنگلاديش خلاف ون ڊي جا اهم رانديگر ڊراپ ڪيا ويا، سليڪٽرن جو حساب ڪتاب ٿيڻ گهرجي: شاهد آفريدي
You might also like