اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر روسي سفير البرٽ پي خوريف چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان رابطو ڪيو ته ان کي سستو تيل فراهم ڪنداسين.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي روسي سفير چيو ته اسان پاڪستان کي تيل کپائڻ لاءِ تيار آهيون، پاڪستان به ان صورتحال ۾ فائدو کڻي سگهي ٿو، توانائي جو شعبو پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار جو اهم ٿنڀ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ايران سان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان فوجي ۽ ٽيڪنيڪي سهڪار آهي، ايران جو ردعمل آمريڪي فوجي اثاثن خلاف هو، ٽرمپ جي اڳرائي تي سڄي دنيا حيران آهي، مسئلن جو حل گڏيل قومن جي چارٽر تحت سياسي ۽ سفارتي طريقي سان ڪڍيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي قيادت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اسلامي دنيا ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
You might also like