لاهور(مزمل سهروردي)جنگ جا اثر پاڪستان سميت دنيا جي ٻين ملڪن تي به پئجي رهيا آهن،عالمي سطح تي پئٽرول جي قيمت 100 ڊالر کان مٿي، 105 ڊالر تائين پهچي وئي آهي، جيڪا پاڪستان جي معيشت لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي،آبناءِ هرمز بند آهي، فرانس، برطانيا، جاپان ۽ ٻين وڏن ملڪن آمريڪا يا ٽرمپ جي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ لڳي ٿو ته جڏهن تائين جنگ جاري رهندي، هرمز بند رهندي، ۽ ان جو پاڪستان جي معيشت تي وڏو اثر پوندو.پاڪستان لاءِ هڪ منفي پاسو اهو آهي ته فيول جون قيمتون وڌي رهيون آهن، ۽ جيڪڏهن قيمت 105-110 ڊالر تائين رهي، ته پاڪستان ۾ پئٽرول وڌيڪ مهانگو ٿي ويندو. في الحال وزيراعظم پئٽرول جي قيمت نه وڌائي آهي ۽ سبسڊي فراهم ڪئي وئي آهي، پر جيڪڏهن قيمت وڌندي رهي، ته وڌيڪ سبسڊي ڏيڻ ممڪن نه هوندي، تنهنڪري سيمي لاڪ ڊائون ۽ ٻيا وڏا فيصلا ڪرڻا پوندا.ٻيو، پاڪستان کي ڪجهه نار وارن ملڪن کان آرڊر ملي رهيا آهن، ڇو ته انهن وٽ خوراڪ ۽ ضروري شيون گهٽجي ويون آهن. پاڪستان کي انهن لاءِ سامان برآمد ڪرڻو آهي، جنهن سان ملڪ جي ايڪسپورٽس وڌنديون، پر ڪيترو شيئر پاڪستان لاءِ رهندو، اهو ڏسڻو پوندو.هاڻي پاڪستان وٽ 27 ڏينهن جو پئٽرول موجود آهي، جڏهن ته ٻين ملڪن وٽ 200 ڏينهن جا ريزروز موجود آهن. افغانستان پڻ پئٽرول جي بحران ۾ آهي، پر ايران ۽ روس کان پئٽرول وٺي ٿو. انڊيا، بنگلا ديش، فلپائن، ڏکڻ ڪوريا، جاپان ۾ پڻ پئٽرول بحران آهي.