ڪراچي (م ڊ) اقتصادي تجزئي نگار اي اي ايڇ سومرو چيو آهي ته ايران آمريڪا تڪرار سبب تيل جي فراهمي متاثر ٿيڻ کانپوءِ ملڪي ضرورتن لاءِ ٿر جي ڪوئلي تي ڀارڻ وڌائڻ لازمي ٿي ويو آهي. هن وقت ٿر مان 2640 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، پر ان جي مڪمل صلاحيت مان فائدو وٺڻ لاءِ ٿر ڪول ريل منصوبي کي 2026 تائين فعال ڪرڻو پوندو. تجزئي نگار موجب، ٿر جي ڪوئلي کي بجلي سان گڏ سيمينٽ ۽ ڀاڻ جي ڪارخانن ۾ استعمال ڪري اربين ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا بچائي سگهجي ٿو. هن حڪومت تي زور ڀريو ته مشينري جي درآمد تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي ۽ سرڪيولر ڊيٽ جي مسئلي کي حل ڪيو وڃي ته جيئن مقامي توانائي جي منصوبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ٿي سگهي.