رياض(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته گورنر هائوس ۾ هلندڙ آئي ٽي پروگرام سرڪاري خرچ تي نه پر سندس ذاتي مالي وسيلن سان هلائي رهيو هو۔ هن چيو ته هاڻي هو گورنر جي عهدي تي نه رهيو آهي، پر ٻن سالن کان ڪلاس وٺندڙ 50 هزار شاگردن جو مستقبل داٰءُ تي لڳڻ نه ڏيندو ۽عيد کان پوءِ نئين شيڊول جو اعلان ڪندو۔سعودي عرب مان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران هن چيو ته مفت آئي ٽي ڪورس ڪندڙ 50 هزار شاگردن جو مستقبل ضايع ٿيڻ نه ڏيندو۔ هن ٻڌايو ته هاڻي فلاحي ادارن ۽ مخير دوستن سان گڏجي جلد آئي ٽي پروگرام ٻيهر شروع ڪيو ويندو ۽ ڪورس مڪمل ٿيڻ تائين شاگردن کي مفت آئي ٽي تعليم فراهم ڪئي ويندي۔هن چيو ته سندس “قصور” اهو آهي ته هن ڪراچي سميت سڄي صوبي جي نوجوانن لاءِ آئي ٽي پروگرام شروع ڪيو، جنهن ۾ هر مذهب ۽ قوميت جي شاگردن کي ٽيسٽ ذريعي ميرٽ تي داخلا ڏني وئي ۽ تقريباً 50 هزار شاگرد مختلف آئي ٽي ڪورسن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا۔هن ٻڌايو ته هن پروگرام جو ماهوار خرچ لڳ ڀڳ سوا ڪروڙ رپيا هو، جيڪو سرڪاري نه پر سندس ذاتي وسيلن مان ادا ڪيو پئي ويو۔