لاڙڪاڻو (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڪراچي کان ڪشمور سنڌ ۾ بدامني، اغوا، ڦرون، لاقانونيت، ڌاڙيل راڄ ۽ قبيلائي جھيڙن ۾ قيمتي حياتين جي نقصان تي سخت ڳڻتي ۽ ھن کي حڪومتي ناڪامي قرار ڏيندي گھر ڪئي آھي ته حڪومت شھرين جي جان مال جي جي حفاظت ڏوھن ۽ قبيلائي جھيڙن جي خاتمي لاءِ اثرائتا اپاءُ کڻي پنھنجي ذميواري پوري ڪري.لاڙڪاڻي ۾ تاريخي شخصيتن مولانا جان محمد عباسي ۽ قاضي فضل الله جي نالي سان منسوب پارڪن تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش قابل مذمت ۽ تاريخ سان ھٿ چراند برابر آھي.سنڌ ۾ 18سالن پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت آھي پر عوام امن لاءِ ترسي پيو. حڪومتي ڇٽي ھيٺ ھر ھنڌ قائم "سسٽم” سڄي سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي. اھڙن خيالن جو اظهار ھن لاڙڪاڻي جي مقامي ھوٽل ۾ صحافين جي مان ۾ ڏنل افطار ڊنر کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته پيپلزپارٽيءَ جي سنڌ حڪومت ڪراچي کان ڪشمور امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي پوليس موبائل گاڏين ۾ ڌاڙيلن کي اسلحو ۽ منشيات اسمگلنگ ٿيندي پڪڙجڻ جون خبرون سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آھي. سنڌ ۾ امن جي بحالي لاءِ ضروري آھي ته ڌاڙيلن،ظالم وڏيرن ۽ پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن جي نيٽ ورڪ کي ٽوڙيو وڃي,هن چيو ته پيپلزپارٽيءَ سنڌ ڪارڊ ۽ ايم ڪيوايم مھاجر ڪارڊ جي بنياد تي پاڻ کي زندھ رکيو پيا اچن. ٻئي پنھنجن مفادن جا محافظ جڏھن ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرمار کان وٺي ڪراچيءَ جي تباھي تائين ٻئي برابر جا شريڪ آھن. هن چيو ته جماعت اسلامي سنڌ جي وحدت توڙي وسيلن جي ڦرمار خلاف ڪابه سازش ڪامياب ٿيڻ ڪونه ڏيندي. عيد بعد وڏن شھرن ۾ ڌرڻا ھڻي عوامي تحريڪ جي شروعات ڪندا سين. ان موقعي تي پروفيسر نظام الدين ميمڻ ، امداد الله بجاراڻي، مجاھد چنا، نادر علي کوسو پڻ خطاب ڪيو.