عوام لاءِ معاشي ايمرجنسي!\سينيٽ چيئرمين لاءِ 9ڪروڙن جي نئين گاڏي خريد

اسلام آباد(امتياز گل)پاڪستان ۾ بار بار توانائي جو بحران ڇو پيدا ٿئي ٿو؟ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ ڇا صرف عالمي تيل مارڪيٽ ۽ مالي سبب آهن، جتي تيل جا ڀاڙامسلسل وڌن ٿا، يا پوءِ ملڪ اندر ويٺل اهي ماڻهو جيڪي وزارتن ۾ آهن، انهن جي انچارجز جو ڪردار آهي جيڪي خام تيل جي درآمد يا منصوبا بند ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن ٿا؟پاڪستان جي سالياني پئٽروليم مصنوعات جي استعمال لڳ ڀڳ 20 ملين ٽن آهي، جنهن ۾ 440,000 بيرل تيل روزانو استعمال ٿئي ٿو. ملڪ جي مقامي پيداوار 70,000 کان 90,000 بيرل روزانو آهي، يعني ملڪ جي گھٽ ۾ گھٽ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ تيل درآمد ٿئي ٿو. گئس ۾ به ساڳي صورتحال آهي، جتي گهڻو حصو قطر کان ايل اين جي  جي صورت ۾ آندو وڃي ٿو، ۽ هاڻي قطر طرفان درآمد روڪي وئي آهي.گذريل حڪومتن دوران 2015-16 ۾ چار LNG پلانٽ لڳايا ويا، جن جي لاءِ قطر کان ايل اين جي  درآمد ڪئي وڃي ٿي، پر هاڻي انهن پلانٽن تي ڪا پيداوار نه آهي، جڏهن ته حڪومت کي انهن جي ڪيپيسٽي پيمنٽ جاري رکڻيون پيون، جيڪي سرمايو جي واپسي جو لڳ ڀڳ 60-62 سيڪڙو آهن. ان جي باوجود عوام کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڀوڳڻو پوي ٿو. پاڪستان جي زرعي پيداوار، ٻاهرين آمدني ۽ معاشي سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن. گلف جي ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ لکين پاڪستانين جو روزگار متاثر ٿي رهيو آهي، عوام وڌيڪ ٽيڪسن ۽ اضافي مالي دٻاءُ جو شڪار ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته حڪمران لچڪدار رويي کان محروم آهن ۽ شفافيت فراهم نه پيا ڪن حڪومت جي جواب ڏيڻ جي ڪوشش کان بچڻ ۽ قانوني ڌمڪيون عوام جي اعتماد کي نقصان پهچائي رهيون آهن.عوام روزمره جي زندگي ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ اقتصادي مشڪلاتن سان منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته حڪمرانن جي اختيار ۽ عوامي سوالن جو جواب ڏيڻ ۾ کوٽ آهي. صحافي خليق ڪاني چيو آهي ته هڪ ڏينهن وفاقي وزير پاڪستانين کي خبردار ڪري ٿو ته پرڏيهي پاليسي تي ڳالهه نه ڪن، ۽ ايندڙ ڏينهن ٻيو سينيئر صوبائي وزير گلف اسٽريم جهاز بابت ٽيڪس ڏيندڙن کي ڌمڪي ڏئي ٿو ته ٽيڪس استعمال بابت  سوال نه پڇن،هن چوڻ آهي ته اهو صرف اتفاق نه ٿي سگهي، ۽ ڪجهه ڳڻتي جوڳو ٿيندو پيو نظر اچي،سينيئر صحافي رئوف ڪلاسرا چيو ته جڏهن حڪمران اشرافيه جي ٻه سال حڪومت کان پوءِ غفلت ۽ ڪمن جا نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿين ٿا، ته پاڪستان ۾ رواجي طور تي اهو ئي ٿيندو آهي۔هن چيو ته شروعات ۾ نرم ۽ دوستاڻو انداز حڪومت جو هوندو آهي، پر وقت سان گڏ اهو جهموري کان آمرانه انداز ۾ بدلجي وڃي ٿو۔

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني  لاءِ سرڪاري خزاني مان تقريباً 9 ڪروڙ رپين جي نئين گاڏي خريد ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جيڪا هاڻي سينٽ سيڪريٽريٽ وٽ پهچي وئي آهي۔جڏهن چيئرمين سينيٽ کان سوال ڪيو ويو ته ڇا سرڪاري خزاني مان ايتري مهانگي گاڏي خريد ڪئي وئي آهي، ته هن تصديق ڪئي ته ها، گاڏي سينٽ جي بجيٽ مان خريد ڪئي وئي آهي،هن جو چوڻ هو ته مهانگي گاڏي جي خريداري مڪمل طور سينٽ جي بجيٽ تحت ڪئي وئي آهي۔تنقيد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته سينيٽ وٽ اڳ ئي سرڪاري گاڏين جو ڪار پول موجود آهي، تنهنڪري نئين گاڏي خريد ڪرڻ جي ضرورت تي سوال اٿاريا پيا وڃن.گيلاني جي پٽ وضاحت ڪندي چيو ته گاڏي جو آرڊر پراڻين بچتن مان اڳ ئي ڏنو ويو هو، ۽ سندس والد ان کي استعمال نه ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي.ان باوجود عوامي سطح تي ناراضگي وڌي رهي آهي، ڇاڪاڻ⁠  ته  ٽيڪسن ۽ روزمره جي خرچن ۾ واڌ دوران سرڪاري مراعتن تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي. هن وقت تائين گاڏي بابت ڪو حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو.سوشل ميڊيا صارف شاهد محمود سياستدانن تي سخت تنقيد ڪندي لکيو ته پاڪستان جا سياستدان عوام ۾ ايترا ناپسنديده ڇو آهن، ان جو سبب اهڙيون حرڪتون آهن،صحافي اسد علي طور چيو ته ملڪ جي موجوده معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي هن گاڏي واپس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر کيس ٻڌايو ويو ته گاڏي اڳ ئي پهچي چڪي آهي، تنهنڪري ان کي واپس ڪرڻ ممڪن نه رهيو،قاسم گيلاني لکيو ته جيڪا گاڏي بحث هيٺ آهي، اها  يوسف رضا گيلاني جي چيئرمين سينيٽ جو عهدو سنڀالڻ کان اڳ ئي سرڪاري طور آرڊر ڪئي وئي هئي،فاروق حميد لکيو ته هي عمل انتهائي مذمت جوڳو آهي۔موجوده حالتن ۾ بچت (Austerity) جي جذبي کي برقرار رکندي اهڙي عيش و عشرت واري گاڏي واپس ڪرڻ گهرجي،زويا هاشمي لکيو ته اهڙي ملڪ ۾ جتي مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب ماڻهو کاڌا ڇڏڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن، اتي سينيٽ چيئرمين طرفان سينيٽ جي فنڊن مان تقريباً 9 ڪروڙ رپين جي عيش عشرت واري گاڏي خريد ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي۔ مجاهد حسين لکيو ته جيتوڻيڪ گيلاني  وٽ اڳ ئي ايتريون گاڏيون موجود آهن جو جيڪڏهن هو انهن کي ڪرائي تي به ڏين ته روزانو لکين رپيا ڪمائي سگهن ٿا، پر “دائمي ذهني غربت” جو ڪو علاج ناهي،پي ٽي آءِ اڳواڻ لال مالهي ٽوڪ واري انداز ۾ لکيو ته ڪفايت شعاري ته  يوسف رضا گيلاني کان سکڻ گهرجي،پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي جمشيد احمد دستي لکيو ته مهانگائي وڌائڻ سان گڏ ڪارون به وٺڻيون پون ٿيون، عوام جو شڪريو، انهن جي ئي پيسن سان 9 ڪروڙ جي ڪار خريد ڪئي آهي.،سنڌ جي اڳوڻي گورنرمحمد زبيرلکيو ته  وزيراعظم جي سختي وارن قدمن باوجود ڪروڙن جي گاڏي اچي وئي، رقم غريب پاڪستانين کان وڌيڪ ٽيڪسن ذريعي ورتي ويندي. شاباش، بهتر ڪم جاري آهي.”

لاهور(عوامي آوازنيوز)پنجاب حڪومت اعلان ڪيو آهي ته اها سرڪاري گلف اسٽريم جهاز بابت ’بدنيوتي تي ٻڌل پروپيگنڊا مهم‘ ۾ شامل ماڻهن ۽ پليٽ فارمز خلاف هتڪ عزت جي قانون تحت ڪارروائيڪندي هي اهو ئي جهاز آهي جيڪو گذريل مهيني به سوشل ميڊيا تي موضوع بڻيو هو، نئون تڪرار ان وقت پيدا ٿيو جڏهن ٻيهر سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪرڻ لڳيون ته هي لگزري گلف اسٽريم جهاز آسٽريا جي شهر ويانا ۾ موجود آهي ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ جو پٽ، جنيد صفدر ان ۾ هني مون لاءِ سفر ڪري ويو آهي،انسٽاگرام تي جنيد صفدر الزامن جي ترديد ڪري چڪو آهي ۽ چيو ته هو ان وقت لاهور ۾ آهي، پنجاب جي وزيرِ اطلاعات عظميٰ بخاري چيو هو ته ’پنجاب حڪومت جو جهاز ٽيڪنيڪل معائني لاءِ ويانا ويو آهي، سوشل ميڊيا صارفن جو خيال آهي ته حڪومت کي قانوني ڪارروائي ڪرڻ بدران سوالن جا جواب ڏيڻ گهرجن.مريم نواز ۽ نواز شريف جي اڳوڻي ترجمان محمد زبير چيو: ’مان اوهان جو نقطو سمجهان ٿو، پر اوهان کي هن معاملي جي هينڊلنگ تي غور ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن وزيرِ اطلاعات شفافيت سان تفصيل فراهم ڪري ها  ته معاملو ايستائين نه پهچي ها،

  1. حڪمرانن جون عياشيون جاري آهن:حافظ نعيم

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان حڪمرانن جي فضول خرچي تي سخت تنقيد ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته هڪ طرف عوام تي پيٽرول بم ڪيرايا پيا وڃن، ته ٻئي طرف حڪمران عوام جي ٽيڪسن مان عياشيون ڪري رهيا آهن.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي جي سينيٽ چيئرمين لاءِ 90 ملين رپين جي مهانگي ڪار خريد ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مسلم ليگ ن جي وڏي وزير لاءِ 11 ارب رپين جو جهاز خريد ڪيو ويو آهي.هن چيو ته اهي سڀ فضول خرچي اهڙي وقت ۾ ٿي رهي آهي جڏهن مهانگائي جي بار هيٺ عوام وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري عوام تي پيٽرول بم ڪيرايو آهي.

  1. جنگ جي اثرن جا پاڪستاني معيشت تي سنگين اثر،سيمي لاڪ ڊائون تي غور

لاهور(مزمل سهروردي)جنگ جا اثر پاڪستان سميت  دنيا جي ٻين ملڪن تي به پئجي رهيا آهن،عالمي سطح تي  پئٽرول جي قيمت 100 ڊالر کان مٿي، 105 ڊالر تائين پهچي وئي آهي، جيڪا پاڪستان جي معيشت لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي،آبناءِ هرمز بند آهي، فرانس، برطانيا، جاپان ۽ ٻين وڏن ملڪن آمريڪا يا ٽرمپ جي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ لڳي ٿو ته جڏهن تائين جنگ جاري رهندي، هرمز بند رهندي، ۽ ان جو پاڪستان جي معيشت تي وڏو اثر پوندو.پاڪستان لاءِ هڪ منفي پاسو اهو آهي ته فيول جون قيمتون وڌي رهيون آهن، ۽ جيڪڏهن قيمت 105-110 ڊالر تائين رهي، ته پاڪستان ۾ پئٽرول وڌيڪ مهانگو ٿي ويندو. في الحال وزيراعظم پئٽرول جي قيمت نه وڌائي آهي ۽ سبسڊي فراهم ڪئي وئي آهي، پر جيڪڏهن قيمت وڌندي رهي، ته وڌيڪ سبسڊي ڏيڻ ممڪن نه هوندي، تنهنڪري سيمي لاڪ ڊائون ۽ ٻيا وڏا فيصلا ڪرڻا پوندا.ٻيو، پاڪستان کي ڪجهه نار وارن  ملڪن کان آرڊر ملي رهيا آهن، ڇو ته انهن وٽ خوراڪ ۽ ضروري شيون گهٽجي ويون آهن. پاڪستان کي انهن لاءِ سامان برآمد ڪرڻو آهي، جنهن سان ملڪ جي ايڪسپورٽس وڌنديون، پر ڪيترو شيئر پاڪستان لاءِ رهندو، اهو ڏسڻو پوندو.هاڻي پاڪستان وٽ 27 ڏينهن جو پئٽرول موجود آهي، جڏهن ته ٻين ملڪن وٽ 200 ڏينهن جا ريزروز موجود آهن. افغانستان پڻ پئٽرول جي بحران ۾ آهي، پر ايران ۽ روس کان پئٽرول وٺي ٿو. انڊيا، بنگلا ديش، فلپائن، ڏکڻ ڪوريا، جاپان ۾ پڻ پئٽرول بحران آهي.

  1.  بچت مهم تي عمل جي نگراني لاءِ ٽاسڪ آءِ بي حوالي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ڪفايت شعاري مهم تي عملدرآمد جي نگراني لاءِ آءِ بي کي ذميواري سونپي ڇڏي. ان ڏس ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، آءِ بي وفاقي کاتن، ڊويزنز ۽ خودمختيار ادارن ۾ ڪفايت شعاري مهم تي عملدرآمد جي نگراني ڪندي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ به ڪفايت شعاري مهم تي عملدرآمد جي نگراني جو ٽاسڪ آءِ بي حوالي ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب، آءِ بي حڪومتي ڪفايت شعاري مهم تي عملدرآمد بابت هفتيوار رپورٽ وزيراعظم ۽ لاڳاپيل ڪميٽي کي پيش ڪندي، وزيراعظم قومي ڪفايت شعاري مهم تي 100 سيڪڙو عملدرآمد جون هدايتون جاري ڪيون آهن. ان کان اڳ عوامي رليف لاءِ کنيل قدمن جي جائزي وٺڻ لاءِ ٿيل اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته معاشي استحڪام ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.