دنيا جون حڪومتون نه رڳو پنهنجي رعيت جو هر لحاظ کان خيال رکنديون آهن پر اتي پنهنجي ملازمن جا جائز حق به بروقت ادا ڪيا ويندا آهن ملازم ڪنهن به ملڪ جي حڪومت لاءِ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکندا آهن، اهي ملازم ئي هوندا آهن جن جي وسيلي پوري نظام جو ڪاروهنوار هلايو ويندو آهي، اتان جا وزير مشير ۽ اڳواڻ ته مڙئي نالي ماتر اڳواڻي لاءِ مقرر ڪيا ويندا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جيڪو به ڪجهه ڪم ڪن ٿا اهي ان سرڪار جا ماتحت سرڪاري ملازم ئي هوندا آهن جيڪي پبهنجي زندگي جا حسين پل حڪومتي نوڪري جي پويان تباھ ڪري ڇڏيندا آهن، اهي ملازم جيڪي پنهنجي اولاد، والدين ۽ گهروارن سميت مٽن مائٽن ۽ دوستن يارن کان به ڪٽجي ويندا آهن ڪنهن جي ڏکن سکن ۾ به شامل نه ٿي سگهندا آهن اهو صرف ان ڪري جو هو سرڪار جا ملازم هوندي پنهنجي سڀني ذاتي مصروفيتن تي سرڪار جي ڪمن کي اوليت ڏيندا آهن، پر جيڪڏهن سرڪار ئي انهن سان ناروا سلوڪ رکي ٿي ته يقينن اهو ڏکوئيندڙ عمل ھوندو آهي
پاڪستان جي عوام کي بهتر معياري ۽ سستيون شيون فراهم ڪرڻ لاءِ يوٽيليٽي اسٽور ڪارپوريشن کاتو جيڪو وزارت صنعت ۽ تجارت جي ماتحت ڪم ڪندڙ هيو ان کي ڪرپشن جو سبب ڄاڻائي هڪ اوچتي نادر شاهي حڪم ذريعي گذريل سال 31 آگسٽ 2025 کان بند ڪيو ويو جنهن ۾ لڳ ڀڳ ٻارنهن هزار کن ملازم ڪم ڪندا هئا، ايڏي وڏي اداري کي ڪرپشن جو سبب ڄاڻائي بند ڪرڻ افسوسناڪ عمل ان ڪري به آهي جو جيڪڏهن ڪنهن کاتي ۾ بدعنواني ڪرپشن يا ڪي ٻيا مسئلا هوندا آهن ته انهن ۾ سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي نه ڪي انهن ادارن کي ئي بند ڪري ان جي ملازمن کي راتو رات روڊ تي آڻي رستن تي ڇڏي ڏبو آهي، اها ڪھڙي عقلمندي جي ڳالهه آهي جو ڪرپشن کي ختم ڪرڻ بجاءِ ادارا ئي ختم ڪيا وڃن
بحرحال ڳالهه رڳو اداري جي بند ٿيڻ جي ناهي پر ملڪ جي 24 ڪروڙ ماڻهن کي صاف سٿري معياري ۽ سستي شين کان به پري رکڻ جي آهي ۽ ان کان به وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ڳالهه اها آهي جو اداري جي ٻارنهن هزار ملازمن کي هڪ ئي ڌڪ ۾ بيروزگار ڪيو ويو، اهي ملازم جن زندگي جا ڪيترائي سال هن اداري کي ان آس تي ڏنا ته هڪ طرف هنن جي روزگار جو ذريعو اهو ادارو هيو ۽ ٻيو ته انهن ملازمن جي اولاد جو مستقبل به ان اداري سان ئي جڙيل هيو، جنهن خواب کي موجوده شھباز شريف سرڪار ٽوڙي چڪنا چور ڪري ڇڏيو
يوٽيليٽي اسٽور ڪارپوريشن هڪ مڃيل ۽ خودمختيار اداري طور ملڪ جي عام ماڻهو لاءِ لاڀائتو قدم هيو جتان سستيون ۽ معياري کاڌي پيتي جون شيون ملنديون هيون جن کان به عوام کي محروم ڪيو ويو آهي، اداري کي بند ڪرڻ کان پوءِ هن اداري جي ملازمن کي ڪنهن ٻئي اداري ۾ ضم ڪرڻ بجاءِ فوري طور تي کين نوڪرين مان ئي نيڪالي ڏني وئي جنهن سان رڳو ٻارنهن هزار ملازم ئي نه پر ٻارنهن هزار خاندانن کي پريشانين جي حوالي ڪيو ويو آهي، هن ملڪ ۾ اڳ ئي بيروزگاري سبب لکين ماڻهو پريشان آهن مٿان وري ڪيئي سالن کان روزگار سان لڳل ماڻهن کي به بيروزگار ڪري انهن جي زندگين کي دوزخ جي آڙاھ ۾ اڇليو ويو آهي، حڪومت جي ايڏي وڏي فيصلي کان اڳ انهن ملازمن کي يا ته ڪٿي ضم ڪرڻ جو سوچيو وڃي ها يا ته انهن کي ايترو ريليف فوري طور ڏنو وڃي ها جو هو ڪنهن ذاتي ڪاروبار سان لڳي وڃن ها، ڇو ته جيڪي ملازم يوٽيليٽي اسٽور ۾ ويھه ويهھ سال سروس ڪري چڪا هئا انهن جي نئين نوڪري لاءِ تقريبن عمر ئي نه رهي هوندي، ته پوءِ هو پنهنجي ۽ گهر جي گاڏي کي ڪيئن ڌڪي سگهندا؟ ان ڪري ادارو بند ڪرڻ وقت ئي ملازمن کي فوري طور بهتر ريليف پيڪيج ڏنو وڃي ها، جنهن سان هنن کي زندگي گذارڻ ۾ ڪا تڪليف نه ٿئي ها، ملازمن جي رقم فوري طور ڏيڻ بجاءِ ان جي ابتڙ ملازمن کي ٽن قسطن ۾ سندن جائز رقم ڏيڻ جو چيو ويو هو جنهن ۾ شايد وزارت صنعت ۽ تجارت جي وزير ۽ سيڪريٽري سطح تي لاٿل ملازمن سان مبينا واعدا به ڪيا ويا ۽ چيو ويو ته ملازمن کي سندن ٺهيل رقم مان چاليھه سيڪڙو رقم آڪٽوبر 2025 ۾ ڏني ويندي، 30 سيڪڙو رقم ڊسمبر 2025 ۾ ۽ باقي رهيل 30 سيڪڙو رقم وري فيبروري 2026 ۾ ادا ڪئي ويندي ڇو ته ظاهر آهي ٻارنهن هزار ملازمن کي سندن رهتون ادا ڪرڻ لاءِ اربين روپين جي ضرورت پئجي رهي هئي، جيڪا حڪومت هڪدم ڏيڻ بجاءِ قسطن ذريعي ئي ڏئي ٿي سگهي، بحرجال ان معاهدي تي به ملازم اڳواڻ راضي ٿيا پر افسوس جي ڳالهه آهي جو هن وقت مارچ 2026 مهينو به اڌ کان وڌيڪ ختم ٿي چڪو آهي ۽ ستن مهينن جو عرصو گذرڻ باوجو به ملازم کي پهرين قسط جو به هڪ روپيو ادا نه ٿي سگهيو آهي، نتيجي ۾ يوٽيليٽي اسٽور ڪارپورشن جا اڳوڻا ملازم فاڪاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور لڳا پيا آهن، سندن پريشانيون ڏينهو ڏينهن وڌي رهيون آهن.
هن وقت رمضان المبارڪ جو ڀلاتو مهينو به ختم ٿيڻ تي آهي ڪجهه ڏينهن ۾ عيد اچڻ واري آهي بيروزگار ٿيل ملازم انتهائي ڏکيا ڏينهن گذاري رهيا آهن پر انهن جو ڪير به داد فرياد ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته انهن ملازم مان پئسن نه ملڻ ۽ بيروزگاري سبب ذهني ڊپريشن جو شڪار ٿي چاليهن جي لڳ ڀڳ ملازم فوت به ٿي ويا آهن پر انهن جي خاندانن تي به ترس نه ٿو کاڌو وڃي، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وفاقي حڪومت کي ان طرف ڌيان ڏئي بند ڪيل يوٽيليٽي اسٽور جي لاٿل ملازمن جي جائز حقن ڏي هڪدم ڌيان ڪري تڪڙا قدم کڻي واعدي موجب سڀ رقم ادا ڪئي وڃي پر جيڪڏهن اهو فوري طور ممڪن ناهي ته گهٽ ۾ گھٽ ملازمن جي حال تي ٿورو ترس کائي کين آڪٽوبر 2025 واري چاليھه سيڪڙو رقم جي واعدي کي پاڻي ڏئي عيد کان اڳ سڀني لاٿل ملازمن في الحال اها ئي پيمينٽ ڪئي وڃي ته جيئن هو به عيد جي خوشين ۾ مڪمل نه ئي سهي جزوي طور ئي سھي پر شريڪ ٿي سگهن، اهو ملازمن تي ڪوبه ٿورو ناهي پر اهو هنن جو حق آهي جيڪو ادا ڪري هنن جي مرجهايل جهرن تي وقتي طور مرڪون آڻي سگهجن ٿيون. ان لاءِ وزير اعظم پاڪستان ميان شھباز شريف سميت وزير صنعت ۽ تجارت سان گڏ اعلي ايوانن ۾ ويٺل وس وارن وزيرن مشيرن مملڪتي وزيرن اسپيڪر قومي اسيمبلي چيئرمين سينيٽ ۽ صدر پاڪستان محترم آصف علي زرداري کي مؤدبانه گذارش آهي ته هن مسئلي طرف توجھه ڏئي يوٽيليٽي اسٽورز جي هزارين بيروزگار ٿيل ملازمن جي درد کي محسوس ڪري انهن کي عيد کان اڳ ادائگيون ڪري سندن ٻچڙن جي مک تي مرڪون آڻي انهن مظلومن جون دعائون حاصل ڪن