ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي خودڪشي نه پر قتل آهي

تحرير: علي حيدر شاهه

 سول اسپتال مٺي جي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ  اسپتال جي رھائشي ڪوارٽر ۾ خود ڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو. ڊاڪٽر صاحب خودڪشي کان  اڳ پنهنجي موت جي ذميوارن بابت ٻن صفحن تي مشتمل خط ۽ وا ئيس ميسيج پڻ ڪيا آھن ـ جنهن ۾ ھو ممتاز نالي ھڪ صحافي کي مخاطب ٿي چوي ٿو تھ آئون اوھان کي آخري وصيت ڪيان ٿو تھ اوھان منھنجي خط کي ضرور شايع ڪجو ـ مون سان ظلم ڪيو ويو آھي ـ منھنجي مٿان زنا جو غلط الزام لڳايو ويو آھي ـ خدا کي حاضر ناظر سمجھي پنج تن پاڪ جي ذات کي حاضر ناظر سمجھي اقرار ڪيان ٿو تھ اھڙو ڪو مسئلو نھ ھو منھنجي مٿان ڪوڙو الزام لڳايو ويو آھي ـ مونکي ذھني ٽارچر ۽ ذھني اذيت ڏني و ئي ـ يارھون ٻارھون ڏينھن آھي مون ننڊ ناھي ڪئي ـ ان عزت جي مسئلي کي مد نظر رکي موت قبول ڪيان ٿو پر ذلت قبول نٿو ڪيان ـ دنيا کي ٻڌائجو تھ منھنجي خودڪشي جو مک سبب  ايم ايس ھريش جڳاڻي، منٺار ڀيل، سردار ڀيل، عبدالڪريم ڪنڀار، عبدالمالڪ نھڙيو، برڪت ھنڱورجو وارا آھن

مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ اصل لاڙڪاڻي جو رھواسي ٻڌايو ويو آھي ۽ ھن وقت سندس فيملي ڪراچي جي علائقي گلستان جوھر ۾ رھائش پذير آھي کيس کي ھڪ پٽ ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آھي. ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ ھڪ ڊگھي عرصي کان مٺي جي سرڪاري اسپتال ۾ پنھنجي ڊيوٽي وڏي ايمانداري سان ڪري رھيو ھو پاڻ ڊيوٽي ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جو پابند ھو جيڪا ڳالهه ڊيوٽي چور ۽ ساڻس حسد رکندڙ مٺي اسپتال جي ايم ايس ۽ انتظاميھ کي پسند نھ ھئي ۽ کيس مختلف بھانا ڪري مٿس ڪوڙا الزام ھڻي تنگ ڪندا ۽ بليڪ ميل ڪندا رھيا ـ  جيئن ڊاڪٽر ھتان ھليو وڃي ـ

ڏک جھڙي ڳالهه اھا آھي تھ 19 ھين گريڊ جي ڊاڪٽر کي اسپتال انتظاميا طرفان رھڻ لاءِ اسپتال جو ڪوارٽر نھ ڏنو ويو ۽ ڊاڪٽر اسپتال جي ڪنھن ملازم کان رينٽ تي اسپتال جو ڪوارٽر ورتو ھو جنھن ۾ ھو رھندو ھو، سندس دانھن ڪوڪ ٻڌڻ وارو ڪير نھ ھو ـڪرپٽ ۽ ڊيوٽي چور اسپتال عملو مسلسل مٿس ٽارچر ڪندو رھيو پريشان ڪندو رھيو کين اھڙي ڪھڙي سپورٽ حاصل ھئي جو اھي ماڻھو آزاداڻي نموني بنا ڊپ ڊاءُ جي ھڪ ايماندار ڊاڪٽر کي ايترو تھ بليڪ ميل ڪيو. مٿس زنا جا ڪوڙا الزام ھنيا جنھن کان پوءِ انصاف نھ ٿيڻ جي صورت ۾ مجبور ٿي ڊاڪٽر خودڪشي کي ترجيح ڏني ـ

مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي حلفيھ بيان کان  پوءِ چئي سگھجي ٿو تھ اھا خودڪشي نھ پر اھو سڌو سنئون قتل آھي ـ ان حوالي سان سندس ڀاءُ  ميڊيا کي ٻڌايو تھ مٺي اسپتال جون ڪروڙين روپين جون دوائون چوري ٿين ٿيون ـ ايم ايس ڪوڙ ڳالها ئي رھيو آھي. منھنجي ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالڪريم خود ڪشي ناھي ڪئي کيس قتل ڪيو ويو آھي ـ

ھوڏانھن ڊاڪٽر جي اھڙي قسم جي خودڪشي تي سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي ـ اسلام ڪوٽ ڪراچي ۽ ٻين ھنڌن تي احتجاج ڪري ڊاڪٽر جي خون سان انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي ـ ٻئي طرف صحت کاتي جي صوبا ئي وزير عذرا پيچوھو معاملي جو نوٽيس وٺندي ميل نرس منٺار ڀيل، سردار ڀيل، اسٽورڪيپر برڪت ھنڱورجو ۽ وارڊ بواءِ رجب ھنڱورجو کي معطل ڪري ڇڏيو آھي ـ جڏھن ته مرحوم پنھنجي وائيس ميسيج ۾ جن جا نالا کنيا آھن انھن ۾ ايم ايس ھريش جڳاڻي، عبدالڪريم ڪنڀار، عبدالمالڪ نھڙ ئي جا نالا بھ شامل آھن پر خبر ناھي ڇو انھن کي بچايو ويو آھي ۽ ڇو معطل نھ ڪيو ويو آھي ـ ٻڌايو پيو وڃي تھ کين سگھاري ڌرين جي سپورٽ باقي رڳو معاملي کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ٻھ ٽي ھيٺيان ملازم معطل ڪيا وڃن ٿا ـ اڳيان ھلي اھي بھ آزاد ٿي ويندا ـ اھو ئي سبب آھي جو ڊپارٽمينٽ يا سرڪار جي اھڙي قسم جي ڪارروائي  کي اڻپورو سمجھي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪير بھ مڃڻ لاءِ تيار نھ آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.