”عائزا پاڪستان جي شاهه رخ خان آهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ميزبان ۽ اينڪر رابعه انعم اداڪارا عائزا خان کي پاڪستان جي شاهه رخ خان قرار ڏئي ڇڏيو، جنهن ڪيئي واهپيدارن جو چوڻ آهي ته ماهرا خان پاڪستاني ايڪٽنگ جي راڻي آهي.
ويجهڙ ۾ رابعه انعم هڪ پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران هن عائزا خان کي پاڪستان جو شاهه رخ خان قرار ڏنو.
ان حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته عائزا خان پروفيشنل توڙي ذاتي زندگي ٻنهي حوالن سان شاندار آهي، سندس شخصيت غير معمولي محسوس ٿئي ٿي.
هن چيو ته جيڪڏهن هوءَ عالمي اسٽار هجي ها ته کيس وڌيڪ ساراهيو وڃي ها ۽ کيس ٽاپ اسٽار جو درجو ڏنو وڃي ها. جيڪڏهن هوءَ ڀارت ۾ هجي ها ته شايد سندس حيثيت ڪجهه ٻي هجي ها، هوءَ پاڪستان جي شاهه رخ خان آهي.
هن وڌيڪ چيو ته دانش تيمور سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو به ڏاڍو سٺو رهيو. هو نهايت مهربان، عاجز ۽ هاڪاري شخصيت جو مالڪ آهي. اسان اٽڪل 8 ڪلاڪ لائيو هوندا آهيون ۽ هو سيٽ تي هميشه هاڪاري توانائي سان ڀرپور هوندو آهي، هاڻي مون کي سمجهه ۾ آيو آهي ته هو سپر اسٽار ڇو آهي.
ٻئي پاسي سوشل ميڊيا واهپيدار رابعه انعم جي هن راءِ سان اختلاف ڪندي نظر آيا.
ڪجهه واهپيدارن جو چوڻ آهي ته رڳو ماهرا خان وٽ اِهو مرتبو ۽ عالمي سڃاڻپ آهي جنهن جي ڀيٽ شاهه رخ خان سان ڪري سگهجي ٿي، تنهنڪري هوءَ پاڪستاني ايڪٽنگ جي راڻي آهي.
ڪجهه مداحن اهو پڻ چيو ته صبا قمر ۽ هانيه عامر به ان لقب لاءِ ايتريون ئي ٺهڪندڙ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.