توهان ڪنهن جي پاسي آهيو؟ علي لاريجاني جو مسلم ملڪن کان سوال

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سيڪيورٽي چيف علي لاريجاني چيو آهي ته ايران آمريڪا ۽ اسرائيل جي سامهون ڄمي بيٺو آهي، مسلم ملڪ ڪنهن جي پاسي آهن؟
علي لاريجاني مسلم ملڪن کي سخت پيغام ڏيندي چيو ته انهن کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪنهن جي پاسي آهن، جڏهن ايران تي حملو ٿيو ته مسلم اڪثريتي ملڪن طرفان حمايت نه ملڻ تي افسوس ٿيو، ڪجهه ملڪن ته ايران کي دشمن قرار ڏئي ڇڏيو، رڳو ان ڪري ته ايران آمريڪي اڏن ۽ اسرائيلي مفادن کي نشانو بڻايو، جيڪي انهن جي ئي سرزمين تي موجود آهن.
هن چيو اسان مان اها اميد نه رکو ته هٿ تي هٿ رکي ويهنداسين، اڄ جي اصل ويڙهه ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل هڪ پاسي ۽ ايران ۽ مزاحمتي قوتون ٻئي پاسي آهن ته پوءِ توهان ڪنهن جي پاسي آهيو؟
ايراني اڳواڻ چيو توهان کي چڱي ريت خبر آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل توهان جا سڄڻ ناهن، اهي توهان جي دشمن آهن، ايران مسلم امت کي متحد ڏسڻ چاهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.