ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار اڪشي ڪمار هدايتڪار روهت شيٽي جي 52هين سالگرهه جي موقعي تي ڪاميڊي فرنچائز ”گول مال“ جي مداحن لاءِ وڏي خبر جو اعلان ڪيو آهي.
بالي ووڊ جي ناليواري هدايتڪار روهت شيٽي مشهور فرنچائز ”گول مال“ جو هڪ ٻيو سيڪوئل ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ اڪشي ڪمار به پنهنجي شموليت جي تصديق ڪئي آهي.
اڪشي ڪمار کانسواءِ گول مال فرنچائز جي پهرين فلم ۾ شامل اداڪار شرمن جوشيءَ جي به واپسي ٿي آهي، جڏهن ته اجي ديوگن، ارشد وارثي، شرياس تلپڙي، تشار ڪپور ۽ ڪنال کيمو سان گڏ هڪ ٽيزر پڻ شيئر ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته گول مال فرنچائز کي ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي ۽ ان جي پهرين فلم 2006ع ۾ رليز ٿي هئي.
اڪشي ڪمار 14 مارچ تي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ فلم جي سيٽ جي جهلڪ ۽ سندس نئون لُڪ ڏيکاريو ويو.
هن پوسٽ جي ڪيپشن گڏ لکيو ته ”هيپي برٿ ڊي روهت، تُنهنجي سالگرهه تي هي پاڳل پڻو وڌيڪ وڏو ۽ گوڙ وارو ٿي ويو آهي. مان گول مال 5 ذريعي هن پاڳل ڪٽنب جو حصو بڻجڻ تي ڏاڍو پرجوش آهيان، هاڻي هنگامو شروع ٿيڻ ڏيو..!“
وڊيو ۾ فلم جي ڪاسٽ ۽ عملو شوٽنگ دوران مصروف نظر اچي ٿو، جڏهن ته اڪشي ڪمار جي فرنچائز ۾ شموليت جي جهلڪ به ڏيکاري وئي آهي. ان سان گڏ اهو به واضح ٿي ويو آهي ته فلم جي باظابطا شوٽنگ شروع ٿي چڪي آهي.
ان دوران شرمن جوشي به پنهنجي مشهور ڪردار سان ٻيهر سيريز ۾ واپسي ڪري ٿو ۽ ٻين اداڪارن سان گڏ پراڻيون يادون تازيون ڪندي نظر اچي ٿو.
ان کانپوءِ اڪشي ڪمار سرپرائيزنگ انٽري ڏيندي هن ڪاميڊي فرنچائز جي نئين حصي ۾ ٻين اداڪارن سان گڏ شامل ٿي وڃي ٿو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، اڪشي ڪمار پنهنجي مصروف شيڊيول مان ”گول مال 5“ جي شوٽنگ لاءِ 18 ڏينهن مخصوص ڪيا آهن.
ان کانسواءِ اڪشي ڪمار پنهنجي ايندڙ سپرنيچرل هارر ڪاميڊي فلم ”ڀوت بنگلا“ جي رليز جي مشهوري مهم ۾ رڌل آهي، جنهن ذريعي هو ڊگهي عرصي کانپوءِ هدايتڪار پريا درشن سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي.
You might also like