چيٽ جِي پِي ٽِي ۾ ٽِڪ ٽاڪ جهڙو نئون فيچر، تفصيل پڌرا

اوپن اي آءِ چيٽ جِي پِي ٽِي ۾ هڪ نئون فيچر شامل ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي جنهن ذريعي واهپيدار مختصر وڊيوز به ٺاهي سگهندا.
دي انفارميشن جي هڪ رپورٽ موجب، دنيا جو مشهور هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي تي آڌاريل چيٽ بوٽ جلد وڊيو ٺاهڻ واري سهولت پڻ فراهم ڪندو.
رپورٽ ۾ ذريعن جي حوالي سان چيو ويو آهي ته اوپن اي آءِ پنهنجي وڊيو جنريٽر ٽول سورا کي سڌي ريت چيٽ جي پي ٽي جو حصو بڻائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي.
واضح رهي ته اوپن اي آءِ سورا جي الڳ ايپ ڪجهه مهينا اڳ متعارف ڪرائي هئي.
هي ايپ ٽِڪ ٽاڪ جهڙي آهي ۽ ڪجهه واهپيدار کي دستياب آهي، ذريعن موجب ان ٽول ذريعي ڪمپني چيٽ جي پي ٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿي.
سورا جي شموليت سان چيٽ جي پي ٽي ۾ ماڻهن جي دلچسپي وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي.
ويجڙائي وارن مهينن دوران چيٽ جي پي ٽي ۾ ڪيئي نوان فيچرز شامل ڪيا ويا آهن جن ۾ هيلٿ هب، اشتهار، رياضي ۽ سائنس جي سوالن جا تصوير جواب ۽ ٻيون تبديليون شامل آهن.
پر ماهر سورا کي چيٽ جي پي ٽي جو حصو بڻائڻ هڪ وڏي اپڊيٽ قرار ڏئي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.