شڪي ماڻهن کان بچڻ لاءِ فيسبڪ ۾ اهم فيچر اچي ويو، ڪم ڪيئن ڪندو؟ڄاڻيو

ميٽا فيسبڪ، واٽس ايپ ۽ ميسينجر ۾ اسڪيم ڊيٽيڪشن ٽولز متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ڪمپني موجب، نون فيچرز جو مقصد واهپيدارن کي ان وقت الرٽ موڪلڻ آهي جڏهن کين ڪنهن شڪي سرگرمي کي منهن ڏيڻو پوي.
ميٽا فيسبڪ ۾ اهڙي فيچر جي آزمائش ڪري رهي آهي جيڪو واهپيدارن کي شڪي فرينڊ رڪويئسٽ بابت خبردار ڪندو.
ان فيچر تحت جڏهن واهپيدار کي ڪنهن اڪائونٽ طرفان فرينڊ رڪويئسٽ ملندي يا هو موڪليندو ته ڪمپني طرفان شڪي سرگرمين جهڙوڪ گڏيل دوست نه هئڻ يا حقيقي جاءِ بدران ڪنهن ٻئي ملڪ جو نالو لکڻ وغيرا بابت ڪيو ويندو.
واهپيدار الرٽ ڏسي فيصلو ڪري سگهندا ته فرينڊ رڪويئسٽ قبول ڪرڻي آهي يا رد ڪرڻي آهي.
واٽس ايپ ۾ ميٽا ڊيوائس لنڪنگ وارننگ متعارف ڪرائي رهي آهي جنهن جو مقصد اسڪيمرز کي واهپيدارن جا اڪائونٽ لنڪ ڪرڻ کان روڪڻ آهي.
ان فيچر تحت واٽس ايپ واهپيدار کي اطلاع ڏيندو ته لنڪنگ رڪويئسٽ شڪي آهي.
الرٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويندو ته اها رڪويئسٽ ڪهڙي هنڌان آئي آهي ۽ واهپيدار کي اسڪيم کان خبردار ڪيو ويندو.
ميسينجر ۾ ميٽا ”ايڊوانسڊ اسڪيم ڊيٽيڪشن“ نالي فيچر وڌيڪ ملڪن ۾ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ڪمپني ملڪن جا نالا ظاهر نه ڪيا آهن، پر ان فيچر تحت جڏهن واهپيدار ڪنهن نئين ڪانٽيڪٽ سان چيٽ ڪندو ته ممڪن اسڪيم واري رويي کي نظر ۾ رکندي خبردار ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.