ميٽا انسٽاگرام جي ڊائريڪٽ ميسجز (ڊي ايمز) لاءِ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن سپورٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ڪمپني طرفان ان تبديليءَ جو اعلان سپورٽ پيج اپڊيٽ ذريعي ۽ انسٽاگرام ايپ ۾ واهپيدارن کي الرٽ موڪلي ڪيو ويو.
ڪمپني طرفان الرٽس ۾ ڄاڻايو ويو 8 مئي 2026 کان انسٽاگرام ۾ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ ميسيجنگ سپورٽ دستياب نه هوندي.
ڪمپني موجب، جيڪڏهن توهان جون چيٽس ان تبديلي سبب متاثر ٿي رهيون آهن ته توهان ميڊيا يا ميسجز ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا.
ميٽا جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن توهان انسٽاگرام جو پراڻو ورزن استعمال ڪري رهيا آهيو ته پهرين ايپ کي اپڊيٽ ڪرڻو پوندو.
ميٽا ترجمان موجب، ڪمپني اهو فيچر ان ڪري ختم ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته تمام گهٽ واهپيدار اِهو استعمال ڪندا هئا.
واضح رهي ته اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن سبب واهپيدارن جا پيغام ۽ ڪالز ڪنهن جي به پهچ کان محفوظ هوندا آهن، ايستائين جو ميٽا کي به ان ڊيٽا تائين رسائي حاصل نه هوندي آهي.
ان کان اڳ ٽڪ ٽاڪ اعلان ڪيو هو ته هو واهپيدارن کي ڊائريڪٽ پيغامن ۾ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن سپورٽ فراهم نه ڪندو.
ميٽا جي ترجمان چيو ته جيڪڏهن واهپيدار اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن چاهين ٿا ته اِهي واٽس ايپ استعمال ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته فيسبڪ ميسينجر ۾ پڻ اها سهولت موجود آهي.
You might also like