ڪراچي وارن لاءِ خوشخبري، اليڪٽرڪ بس جو نئون روٽ شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ سڀاڻي کان اي وي بس جو نئون روٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
شرجيل ميمڻ چيو ته ماحول دوست اي وي بس جو نئون روٽ سڀاڻي کان شروع ڪري رهيا آهيون، جنهن سان لکين شهرين کي فائدو ٿيندو، اليڪٽرڪ بس جو نئون روٽ گلشن معمار کان ٽاور تائين هوندو.
هن چيو ته سنڌ حڪومت شهرين کي معياري ۽ ماحول دوست پبلڪ ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي، مستقبل ۾ وڌيڪ روٽ به متعارف ڪرايا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.