لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) آسڪر ايوارڊ تقريب دوران اسپيني اداڪار هاويئر بارڊيم فلسطين جي آزادي جو نعرو هڻي ڇڏيو.
آسڪر ايوارڊز جي سالياني تقريب دوران اداڪار هاويئر بارڊيم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو تي سخت تنقيد پڻ ڪئي.
تقريب دوران هال ان وقت تاڙين سان گونجڻ لڳو جڏهن هسپانوي اداڪار هاويئر بارڊيم ” فري فلسطين ۽ نو وار“ جو نعرو هنيو.
ان دوران اسٽيج تي ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا به ساڻس گڏ موجود هئي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان 23 ورهين کانپوءِ هڪ غيرقانوني جنگ ۾ داخل ٿي ويا آهيون جيڪا ٽرمپ ۽ نيتن ياهو هڪ ٻئي ڪوڙ جي بنياد تي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ شروع ڪئي.
ان کانسواءِ آسڪر تقريب دوران ڪيئي فنڪارن ”آرٽسٽس فار سيز فائر“ جو بيج پائي غزا ۾ جنگبندي جي حمايت ڪئي.
You might also like