ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ميچ دوران فائر الارم وڄڻ لڳو، رانديگر ۽ تماشائي ڊڄي ويا، ڪارڻ سامهون اچي ويو

هوبارٽ (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ميچ دوران فائر الارم وڄي ويو جنهن سبب ميچ کي روڪڻي پئي.
بيلريو اوول گرائونڊ ۾ شيفيلڊ شيلڊ جي ميچ لڳ ڀڳ 25 منٽن تائين معطل رهي، جنهن کانپوءِ پتو پيو ته فائر الارم بنا وڄڻ لڳو هو.
رپورٽن موجب، فائر الارم سبب عمارت خالي ڪرائي وئي ۽ اسٽيڊيم ۾ موجود ماڻهو گرائونڊ ۾ گڏ ٿي ويا.
ميڊيا رپورٽن موجب، ان کانپوءِ فائر ورڪرز جائزو ورتو، ڪٿي به دونھين جا آثار نه مليا جنهن بعد فائر الارم کي حادثاتي قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.