سعودي عرب ۽ يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ روزگار متاثر ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي (ع آ رپورٽ) وچ اوڀر ۾ جاري جنگي صورتحال ۽ فضائي سفر ۾ رنڊڪن سبب رمضان جي مبارڪ مهيني ۾ پاڪستان ايندڙ روڪ رقم ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي آهي. پاڪستان ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسي ايشن جي چيئرمين ملڪ بوستان موجب، عام طور تي رمضان ۾ مسافر پاڻ سان گڏ 15 کان 20 ملين ڊالر کڻي ايندا هئا، پر هن سال اها رقم گهٽجي صرف 7 ملين ڊالر رهجي وئي آهي. ان کوٽ جو وڏو سبب ايران،اسرائيل ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ آهي، جنهن ڪري فلائٽس متاثر ٿيون آهن ۽ هوائي ٽڪيٽن جي قيمتن ۾ به وڏو اضافو ٿيو آهي. جيتوڻيڪ بينڪنگ چينلز ذريعي موڪليل رقم ۾ واڌ جو امڪان آهي، پر ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن وچ اوڀر ۾ جنگ ڊگهي ٿي وئي ته سعودي عرب ۽ يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستاني ملازمن جي روزگار تي به ناڪاري اثر پوندا. ياد رهي ته پاڪستان جي مجموعي ناڻي ذخيرن جو 60 سيڪڙو حصو وچ اوڀر مان ئي اچي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.