آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران بار بار اهو چوندو رهيو آهي ته ايران ۾ سڀ ڪجهه تباهه ڪيو ويو آهي، تنهنڪري آمريڪا جلد جنگ ختم ڪري سگهي ٿو. پر ٻئي پاسي ايران جي نون چونڊيل رهبرِاعليٰ مجتبيٰ خامنه اي قوم کي خطاب ڪندي نه رڳو سڀني شهيدن جو بدلو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي، پر آبناءِ هرمز بند رکڻ جو حڪم به ڏنو آهي. هن آمريڪا کان مطالبو ڪيو آهي ته هو خطي ۾ پنهنجا سڀ فوجي اڏا بند ڪري. ساڳئي وقت ايراني صدر مسعود پزشڪيان ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته منهنجي روس ۽ پاڪستان جي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ۽ مون واضح ڪيو آهي ته ايران پرامن گڏيل بقا تي يقين رکي ٿو. پر آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان شروع ڪيل هن جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ ايران جي جائز حق کي تسليم ڪرڻو پوندو، جنگ سبب ٿيل نقصان جو معاوضو ادا ڪرڻو پوندو ۽ مستقبل ۾ ايران تي ٻيهر حملو نه ڪرڻ جون بين الاقوامي ضمانتون ڏيڻيون پونديون.
ان وچ ايران جي سيڪيورٽي سربراهه علي لاريجاني چيو آهي ته دشمن کي سبق سيکارڻ کانسواءِ جنگ ختم نه ٿيندي. هن جو چوڻ هو ته ٽرمپ جلدي جنگ کٽي وٺڻ چاهين ٿا، پر کين خبر هجڻ گهرجي ته جنگ شروع ڪرڻ آسان هوندو آهي، پر ان کي ڪجهه ٽوئيٽن سان نٿو کٽي سگهجي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪا ايران ۾ بجلي جي فراهمي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ايران يقيني بڻائيندو ته خطي جا سڀ پاور اسٽيشن نشانو بڻايا وڃن. واضح رهي ته صدر ٽرمپ چيو هو ته آمريڪي فوج هڪ ڪلاڪ اندر ايران ۾ بجلي جي ترسيل بند ڪري سگهي ٿي.
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته صدر ٽرمپ ايران کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ اهو دعويٰ ڪرڻ باوجود ته ايران جي طاقت تقريباً ختم ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي ان وٽ صرف ڪجهه ميزائل بچيا آهن، اڃا تائين جنگ بند ڪرڻ جو اعلان نٿا ڪري سگهن. ان جو هڪ سبب اسرائيل جو دٻاءُ به آهي، جيڪو جنگ کي ڊگهو ڪرڻ ۽ ايران کي مسلسل دٻاءُ ۾ رکڻ چاهي ٿو. پر ٻئي طرف اهو به ظاهر ٿي رهيو آهي ته جيڪڏهن ٽرمپ هڪطرفي طور جنگ بند ڪرڻ جو اعلان به ڪري ڇڏين ته شايد ايران جنگ بندي قبول نه ڪري. اهڙي صورت ۾ خليجي ملڪن ۾ ايراني حملا جاري رهي سگهن ٿا.
اڄ سامهون آيل رپورٽن موجب سعودي عرب سميت ڪيترن ملڪن ٻڌايو آهي ته گذريل چويهه ڪلاڪن دوران انهن ملڪن ۾ ايران جا ڪيترائي ميزائل ۽ ڊرون حملا ناڪام بڻايا ويا آهن. خدشو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا جنگ بند ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ باوجود جنگ ۾ ڦاٿل رهي ٿو ته ان کي آمريڪي طاقت ۽ صدر ٽرمپ جي ذاتي ناڪامي سمجهيو ويندو. اهڙين حالتن ۾ امڪان آهي ته آمريڪا ٽياڪڙي ڪندڙ ۽ جنگ بندي جي ڪوشش ڪندڙ ملڪن کي چيو هجي ته اهي تهران کان جنگ بندي لاءِ رضامندي حاصل ڪن. پر ساڳئي وقت ٽرمپ لاءِ اهو به ضروري آهي ته جنگ بندي جي ڪنهن اعلان ۾ لفظن جي چونڊ اهڙي هجي جو آمريڪا ان کي پنهنجي واضح فتح قرار ڏئي سگهي.
اهڙي آمريڪي خواهش جو اظهار وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليويٽ جي بيان مان به ظاهر ٿئي ٿو، جنهن چيو هو ته صدر ٽرمپ پاڻ فيصلو ڪندا ته جنگ ڪڏهن بند ڪئي وڃي. اهو فيصلو ايران طرفان هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي باقاعده اعلان يا غير اعلانيه قبوليت تي منحصر ٿي سگهي ٿو. پر اڄ ڏينهن دوران ايراني اڳواڻن جي ردعمل مان لڳي ٿو ته جنگي صورتحال ايتري پيچيده ٿي چڪي آهي جو صدر ٽرمپ لاءِ به اڪطرفي طور جنگ بندي جو اعلان ڪرڻ آسان نه رهيو آهي. ايران جي نون رهبرِاعليٰ مجتبيٰ خامنه اي جو عهدو سنڀالڻ بعد پهريون بيان ڪنهن مفاهمت يا صلح جو اشارو نٿو ڏئي، بلڪه ان ۾ آمريڪا کي سڌو سنئون چئلينج ڪيو ويو آهي ۽ ميناب ۾ اسڪول جي ٻارن سميت مارجي ويل سڀني ايراني شهرين جي خون جو بدلو وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايران دشمن خلاف وڌيڪ محاذ کولڻ بابت به جائزو ورتو آهي، جتي دشمن گهٽ تجربيڪار ۽ وڌيڪ ڪمزور ثابت ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن جنگي صورتحال جاري رهي ته قومي مفادن کي نظر ۾ رکندي انهن محاذن تي به ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان دشمن کان تاوان وصول ڪنداسين، جيڪڏهن هو انڪار ڪندو ته اسان دشمن جي ملڪيتن کي به ساڳيو نقصان پهچائينداسين ۽ انهن کي تباهه ڪنداسين.
هن خطي جي ملڪن ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن تي حملن جو ذڪر ڪندي چيو ته جيئن اڳ خبردار ڪيو هو، اسان انهن ملڪن تي حملو نه ڪيو آهي، پر صرف اتي موجود آمريڪي اڏن کي نشانو بڻايو آهي، ۽ جيڪڏهن مجبور ٿياسين ته اڳتي به ائين ڪنداسين. تنهن هوندي به اسان پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان دوستي کي اهم سمجهون ٿا. نئين رهبرِاعليٰ جو بيان جاري ٿيڻ کان پوءِ فوراً پاسدارانِ انقلاب آبناءِ هرمز بند رکڻ جو اعلان ڪيو. ان کان اڳ صدر ٽرمپ بار بار چيو هو ته هي آبنائي کليل رکڻ جي ضمانت ڏني ويندي ۽ ضرورت پئي ته آمريڪي بحريه واپاري جهازن کي محفوظ گذرڻ ۾ مدد ڏيندي. پر آمريڪي حڪومت جي اعليٰ ترجمانن جو چوڻ آهي ته هن وقت آمريڪي بحريه آبناءِ هرمز مان گذرندڙ جهازن کي اسڪارٽ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. انهن متضاد دعوائن جي وچ ۾ آبناءِ هرمز مان جهازن جي اچ وڃ محدود ٿي وئي آهي. ڪيترين ڪمپنين حملي جي خطري سبب اتيان گذرڻ کان پاسو ڪيو آهي، جڏهن ته ايراني بحريه چيو آهي ته دشمن ملڪن يا انهن جي ساٿين ڏانهن ويندڙ تيل جو هڪ ڦڙو به آبناءِ هرمز مان گذرڻ نه ڏنو ويندو.
ان کان علاوه ايراني ٻيڙين عراق جي هڪ بندرگاهه تي هڪ آئل ٽينڪر کي نشانو بڻايو، جنهن کان پوءِ ان علائقي ۾ تيل جي سپلاءِ به تقريباً بند ٿي وئي. هن واقعي کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت هڪ سئو ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي. اهڙين حالتن ۾ صدر ٽرمپ ڪڏهن چون ٿا ته تيل جون قيمتون جلد گهٽجي وينديون، ته ڪڏهن چون ٿا ته آمريڪا کي قيمتن سان ڪو مسئلو ناهي، ڇو ته مهانگو تيل وڪجڻ سان آمريڪا کي فائدو ٿيندو. پر هن غير يقيني صورتحال سبب تيل جي فراهمي بابت خدشا وڌي رهيا آهن، جيڪي عالمي معيشت لاءِ تباهه ڪن ثابت ٿي سگهن ٿا.
ايراني اڳواڻن طرفان حملا جاري رکڻ، بدلو وٺڻ ۽ معاوضي کانسواءِ جنگ ختم نه ڪرڻ جا بيان جيڪڏهن پنهنجي عوام جو حوصلو وڌائڻ لاءِ سياسي بيان بازي به سمجهيا وڃن، تڏهن به حقيقت اها آهي ته ايران ايترو مجبور يا ڪمزور نه ٿيو آهي جو آمريڪا کيس پنهنجي شرطون مڃڻ تي مجبور ڪري سگهي. آبناءِ هرمز بند ڪرڻ دراصل ايران طرفان معاشي جنگي هٿيار طور استعمال ٿي رهيو آهي. يقيناً هن طريقي کي بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي چيو وڃي ٿو، پر پوءِ ايران تي ٿيل حملن کي به غير قانوني قرار ڏيڻو پوندو. اهڙي صورتحال سلامتي ڪائونسل ۾ بحرين طرفان پيش ڪيل قرارداد تي ووٽنگ دوران به ڏسڻ ۾ آئي. ان قرارداد ۾ عرب ملڪن تي ايراني حملا روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، پر ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن جو ذڪر شامل نه هو. روس ۽ چين اهو چئي ووٽنگ ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪيو ته ڪنهن به قرارداد کي متوازن هجڻ گهرجي.
جنگ جي حالتن ۾ ڌريون اڪثر پنهنجي طاقت ۽ دشمن جي ڪمزوري بابت مبالغي آميز دعوائون ڪن ٿيون. هن وقت ايران خلاف هلندڙ جنگ ۾ به ساڳي صورتحال ڏسڻ ۾ اچي ٿي. آمريڪا پنهنجي وڏي فوجي طاقت باوجود نه ته تهران ۾ حڪومت تبديل ڪرائي سگهيو آهي ۽ نه ئي هاڻي جنگ ختم ڪرڻ مڪمل طور سندس اختيار ۾ نظر اچي ٿي. دنيا جي امن ۽ هن خطي جي استحڪام لاءِ اها صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.