روبوٽ بجلي جي هاءِ ٽينشن لائين ٺاهي سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو

چين ۾ هڪ روبوٽ بجلي جي هاءِ ٽينشن لائين جي مرمت ڪري سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، اهو هڪ اليڪٽريشن روبوٽ آهي جنهن کي هوبئي اليڪٽرڪ پاور ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ ووهان اسٽيٽ گرڊ جي سهڪار سان تيار ڪيو ويو آهي.
اليڪٽريشن روبوٽ پريسيز ليزر ڪٽنگ ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي وڏي مهارت سان ماتحت تارن کي مرڪزي تار سان ڳنڍڻ، ڪنيڪشن کي صحيح نموني لڳائڻ سميت ٻين مسئلن کي به حل ڪري سگهي ٿو.
ووهان اسٽيٽ گرڊ جي هڪ ٽيڪنيشن ووزين چيو ته هي روبوٽ وائرنگ جي نهايت ڏکئي ماحول ۾ به ڪم ڪري سگهي ٿو.
هن چيو ته سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هن روبوٽ جي ڪري ماڻهن کي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ جو امڪان مڪمل طور ختم ٿي ويندو.
ميڊيا رپورٽن موجب، اهو تجربو هوبئي جي ڪائونٽي چونگ شين ۾ ڪيو ويو، جنهن جو مقصد ڏکين ۽ خطري وارين حالتن ۾ بجلي جي ڪم سان واڳيل ماڻهن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.