پيٽرول ڊيلرن جو 26 مارچ کان پيٽرول پمپس بند ڪرڻ جي ڌمڪي

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن چيو آهي ته مطالبات منظور نه ٿيڻ جي صورت ۾ 26 مارچ کان ملڪ ۾ پيٽرول پمپس بند ڪيا ويندا، ايسوسيئيشن جي سينيئر وائس چيئرمين طارق حسن موجب موجوده حالتن ۾ ڊيلرز جو مارجن انتهائي گهٽ آهي ۽ تيل مارڪيٽنگ  ڪمپنين جي خلاف به جاچ ڪرائي وڃي، پاڪستان ۾ تقريبن 12 کان 14 هزار پيٽرول پمپس موجود آهن ۽ ڊيلرز اڳ ۾ ئي ايڊوانس انڪم ٽيڪس ادا ڪن ٿا، ان باوجود ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، طارق حسن الزام لڳايو ته پاڪستان ۾ 42 آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن، جن مان ڪيتريون جعلي آهن ۽ ڪجهه ڪمپنيون ڊيلرن کي پيٽرول مهيا نه ڪري رهيون آهن، جنهن سبب ڪيترائي پيٽرول پمپس سڪي رهيا آهن، ڪمپنين وٽ پيٽروليم شين جو وڏو ذخيرو موجود آهي ۽ ذخيره اندوزي تي جاچ هئڻ گهرجي، عوام کي رمضان ۾ پريشان نٿا ڪرڻ چاهيون پر مطالبات منظور نه ٿيڻ جي صورت ۾ 26 مارچ کان ملڪ ۾ پيٽرول پمپس بند ڪيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.