ڪراچي/نواب شاهه (پ ر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته سنڌ جي قدرتي وسيلن تي پهريون حق صوبي جي عوام جو آهي، آئين جي ابتڙ سنڌ جي عوام کي بجلي، گئس، پيٽرول ۽ ڪوئلي تي پنهنجي حق کان محروم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ۽ زمينن تي غيرقانوني قبضا ڪري اسٽيبلشمينٽ ۽ انهن جي مسلط ڪيل قيادت عوام کي بغاوت تي مجبور ڪري رهي آهي، گمشدہ ماڻهن جو مسئلو حل ڪري رياست حقيقي طور تي ماءُ جهڙو حق ادا ڪري، ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي ۽ سنڌ مان نڪرندڙ گئس ٻين صوبن ۾ روشنيون ۽ صنعتون هلائڻ لاءِ استعمال ڪئي پئي وڃي، سنڌ ۾ بدترين لوڊشيڊنگ ڪري عوام جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪيو پيو وڃي، هن سموري صورتحال تي گذريل 18 سالن کان اقتدار ۾ ويٺل پيپلز پارٽي جو ڪردار نه رڳو مجرمانه آهي پر اها سهولتڪار پڻ بڻيل آهي جنهن ڏينهن سنڌ جو عوام جاڳي پنهنجي حقن لاءِ ميدان ۾نڪتو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ انهن جي مڙهيل ڪيل قيادت کي لڪڻ لاءِ جاءِ به نه ملندي، سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي، ان جي وحدت خلاف ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، ياد رکو ته ڪفر جي حڪومت هلي سگهي ٿي پر ظلم جي نه. عدل ۽ انصاف کان سواءِ ڪو به ملڪ يا معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي، سنڌ حڪومت هر شعبي ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، هڪ طرف عام ماڻهو مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهي ته ٻي طرف تازو خوراڪ کاتي پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب سنڌ ۾19ارب رپيا جي ڪڻڪ سرڪاري گدامن مان گم ٿي وئي جڏهن ته 18 ارب رپيا جي ڪڻڪ خراب ٿي وئي، 30 ارب 40 ڪروڙ رپيا جي ڪڻڪ وڪرو ئي نه ٿي ۽ سنڌ حڪومت تي 110 ارب رپيا جو قرض چڙهي ويوآهي، سرڪاري گدامن مان هڪ لک 41 هزار 904 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گم ٿي وئي آهي، سنڌ جي 44 سيڪڙو آبادي اڄ به ڪاٺين تي کاڌو پچائي ٿي، ڪيترن ئي شهرن ۾ صاف پيئڻ جو پاڻي موجود ناهي.