اسلام آباد/ ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ آبنائي هرمز جي بندش کانپوءِ پاڪستان پنهنجي بندرگاهن کي عالمي واپار لاءِ متبادل رستي طور پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مملڪتي بلال اظهر ڪياني موجب، ڪيترن ئي عالمي شپنگ لائنز پاڪستان ذريعي پنهنجي سامان جي فراهمي لاءِ آرڊر بڪ ڪرائڻ شروع ڪري ڏنا آهن. دفاعي ماهرن موجب، جتي آبنائي هرمز ۾ 700 ڪنٽينر ڦاٿل آهن، اتي پاڪستان جون ٽيئي بندرگاهون ڪراچي، پورٽ قاسم ۽ گوادر روزاني 26 هزار ڪنٽينر هينڊل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. هي وقت گوادر پورٽ کي مڪمل فعال ڪرڻ لاءِ بهترين آهي. جيڪڏهن عالمي جهاز گوادر کي پنهنجو ٽرانزٽ هب بڻائين ٿا ته ان سان سي پيڪ تحت ٺهيل رستن جو استعمال ۽ ملڪي روينيو ۾ وڏو اضافو ٿيندو. معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان هاڻي وچ ايشيائي رياستن لاءِ واحد ۽ محفوظ ترين واپاري رستو بڻجي سگهي ٿو. هن موقعي مان فائدو وٺڻ لاءِ ريلوي ۽ ٽرڪنگ جي نظام کي جديد بڻائڻ ۽ سڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪرڻ لازمي آهن.