اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان جاري ٿيل هڪ تازي وڊيو عالمي سطح تي شڪن ۽ شبهن جي لهر پيدا ڪري ڇڏي آهي.
انٽرنيٽ واهپيدارن ۽ ٽيڪنالاجي ماهرن طرفان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي وڊيو جو ويجهڙائي کان جائزو وٺڻ کانپوءِ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اها وڊيو اصلي ناهي پر هٿيادو ڏاهپ (اي آءِ) ٽيڪنالاجي ذريعي تيار ڪئي وئي آهي.
وڊيو ۾ نيتن ياهو جي ساڄي هٿ ۾ ڇهه آڱريون نظر اچي رهيون آهن، جڏهن ته سندس ڏندن جي جوڙ جڪ به غيرمعمولي ۽ مصنوعي لڳي ٿي، جيڪا عام طور اي آءِ ذريعي تيار ڪيل وڊيوز ۾ ٽيڪنيڪل خامين طور سامهون ايندي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس جي هٿرادو ڏاهپ واري نظام ”گروڪ“ سان منسوب رپورٽن ۾ پڻ ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي ته وڊيو ۾ ڊجيٽل ڦيرڦار جا واضح آثار موجود آهن.
سياسي تجزيي نگارن طرفان اهو سوال بار بار اٿاريو پيو وڃي ته نيٺ اهڙي ڪهڙي هنگامي صورتحال پيش آئي جو اسرائيلي وزيراعظم کي پنهنجي موجودگي ثابت ڪرڻ لاءِ مصنوعي وڊيو جو سهارو وٺڻو پيو.
واضح رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ايران طرفان ڪيل ميزائل حملن کانپوءِ نيتن ياهو عوامي منظرنامي تان مڪمل طور غائب ٿي ويو آهي.
اسرائيلي عسڪري قيادت جي تازي اهم گڏجاڻين جون جيڪي تصويرون سامهون آيون آهن، تن ۾ وزيراعظم جي غيرموجودگي اهڙن افواهن کي جنم ڏنو آهي ته هو يا ته انهن حملن ۾ سخت زخمي ٿي پيو آهي يا مارجي ويو آهي.
نجي ٽي وي چئنل ٻه ڏينهن اڳ ئي اها خبر نشر ڪئي هئي، جنهن ۾ اسرائيلي وزيراعظم جي مارجڻ جو ذڪر ڪيو ويو هو ۽ هاڻي نيتن ياهو جو مسلسل منظرعام تان گم رهڻ اهڙي قسم جي دعوائن کي حقيقت جي وڌيڪ ويجهو آڻي رهيو آهي.
ان سموري صورتحال ۾ ڪجهه تصديق ٿيل اطلاعن موجب، اهو به چيو پيو وڃي ته نيتن ياهو جو ڪلون يعني هم شڪل تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن سندس غيرموجودگي کي لڪائي سگهجي ۽ اسرائيلي عوام ۾ پکڙيل خوف ۽ هراس تي ضابطو آندو وڃي.
جيتوڻيڪ اسرائيلي اختيارين طرفان اهڙي قسم جي خبرن جي ترديد يا تصديق لاءِ اڃا تائين ڪو باضابطا بيان جاري ناهي ڪيو ويو، پر عالمي ميڊيا ۾ اهو تاثر زور پڪڙي رهيو آهي ته هزارين فلسطينيَن جي قتلِ عام جو ذميوار هاڻي پاڻ به موت جي منهن ۾ هليو ويو آهي.
آزاد ذريعن جو چوڻ آهي ته نيتن ياهو جي پراسرار گمشدگي ۽ مصنوعي وڊيو جو سهارو وٺڻ ان ڳالهه جي علامت آهي ته اسرائيل جي اعليٰ قيادت شايد ڪنهن وڏي بحران کي دنيا کان لڪائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي.
You might also like