زمبابوي جي مُزارباني جو آءِ پي ايل فرنچائز سان معاهدو، پي ايس ايل تان هٿ کڻي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) زمبابوي جي فاسٽ بالر بليسنگ مزرباني آءِ پي ايل (انڊين پريميئر ليگ) جي فرنچائز ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز سان معاهدي سبب پي ايس ايل ( پاڪستان سپر ليگ ) ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ لاءِ نه کيڏندو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، بليسنگ مزرباني اسلام آباد يونائيٽيڊ کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جمعي ڏينهن سندس سائننگ جي تصديق ڪئي آهي.
مزرباني کي ٽيم ۾ بنگلاديش جي ليفٽ آرم فاسٽ بالر مستفيض الرحمان جي جاءِ تي شامل ڪيو ويو آهي، جنهن کي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) گذريل سال ڊسمبر ۾ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز کي رليز ڪرڻ جو چيو هو.
واضح رهي مستفيض الرحمان کي 2026 جي آءِ پي ايل نيلامي ۾ 9.2 ڪروڙ ڀارتي رپين (اٽڪل 10 لک 20 هزار آمريڪي ڊالر) ۾ خريد ڪيو ويو هو.
مستفيض الرحمان هاڻي پي ايس ايل ۾ لاهور قلندرز سان معاهدو ڪري چڪو آهي، جڏهن ته پي ايس ايل 26 مارچ کان شروع ٿيندي.
بليسنگ مزرباني ان کان اڳ ملتان سلطانز سان گڏ پي ايس ايل جو ٽائيٽل به کٽي چڪو آهي، 11 فيبروري تي ٿيل پي ايس ايل نيلامي ۾ چونڊيو نه ويو هو.
ان کانپوءِ اسلام آباد يونائيٽيڊ ويسٽ انڊيز جي فاسٽ بالر شيمار جوزف طرفان پي ايس ايل نه کيڏڻ کانپوءِ کانپوءِ کيس سڌي ريت ٽيم ۾ شامل ڪيو هو.
پي ايس ايل ۽ آءِ پي ايل جي شيڊيول ۾ ٽڪراءَ سبب هي ٻيو موقعو آهي جو ڪنهن پي ايس ايل ٽيم طرفان سائن ڪيل رانديگر بعد ۾ آءِ پي ايل ڏانهن هليو ويو آهي.
گذريل سال ڏکڻ آفريڪي آل رائونڊر ڪوربن بوش کي پشاور زلمي ڊائمنڊ ڪيٽيگري ۾ پِڪ ڪيو هو، پر پوءِ کيس آءِ پي ايل ۾ ممبئي انڊينز پنهنجي زخمي رانديگر جي جاءِ تي شامل ڪيو هو، جنهن کانپوءِ پي ايس ايل انتظاميامٿس هڪ سيزن لاءِ پابندي مڙهي ڇڏي هئي.
ذريعن موجب، پي ايس ايل انتظاميا سان رابطو ڪيو ويو آهي ته ڇا بليسنگ مزرباني تي به اهڙي ئي پابندي لڳائي ويندي يا نه.
ياد رهي ته بليسنگ مزرباني تازو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو هو، جتي زمبابوي پنهنجي گروپ ۾ ٽاپ سان سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِڪيو هو، هن ڇهن ميچن ۾ 13 وڪيٽون ورتيون، جنهن ۾ چار شڪار آسٽريليا خلاف اهم ميچ ۾ ڪيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.