نادرا ڊجيٽل سڃاڻپ ڪارڊ قبول نه ڪندڙ ادارن کي خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) ڊجيٽل سڃاڻپ ڪارڊ قبول نه ڪندڙ ادارن کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي.
نادرا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊجيٽل سڃاڻپ ڪارڊ فزيڪل سڃاڻپ ڪارڊ جي برابر حيثيت رکي ٿو، جڏهن⁠ ته ڪجهه سرڪاري آفيسون ۽ ادارا ڊجيٽل ڪارڊ بدران فزيڪل ڪارڊ يا ان جي فوٽو ڪاپي طلب ڪري رهيا آهن، جيڪو موجوده قانوني ۽ ظابطن واري فريم ورڪ جي خلاف آهي.
اٿارٽي جو چوڻ آهي ته نادرا آرڊيننس تحت ڊجيٽل سڃاڻپ بابت ضابطا تيار ڪيا ويا آهن، ريگيوليشن 9 ۽ 10 ڊجيٽل سڃاڻپ سندن کي قانوني حيثيت ڏين ٿا، اهي ضابطا ڊجيٽل سڃاڻپ سندن کي سڃاڻپ جو صحيح ثبوت قرار ڏين ٿا.
نادرا موجب، سڃاڻپ ڪارڊ جي غير ضروري فوٽو ڪاپين جي گهرج گهٽجي ٿي، جڏهن⁠ ته ڊجيٽل سڃاڻپ ڪارڊ سان شهرين جي ذاتي ڊيٽا جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ سڃاڻپ بابت ڄاڻ جي غلط استعمال جي روڪٿام ٿئي ٿي.
اٿارٽي چيو آهي ته سرڪاري کاتا، عوامي ۽ مالي ادارا ۽ ٽيليڪام آپريٽرز ڄاڻيل هدايتن تي عمل کي يقيني بڻائين، جڏهن ⁠ته شهري ان حوالي سان پنهنجون شڪايتون نادرا جي سرڪاري شڪايت نظام ذريعي داخل ڪرائي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.