واشنگٽن/تهران/تل ابيب (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي، جڏهن ته تهران ۾ يومِ القدس جي ريلي ويجهو ڌماڪن ۽ مختلف ملڪن جي بيانن کانپوءِ علائقي ۾ صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي. آمريڪي اختيارين ايران خلاف سخت حملا جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ايران به آمريڪا ۽ اسرائيل کي سخت جواب ڏيڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي. ٻئي پاسي اسرائيل ايران تي سوين هدفن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته خطي ۾ ميزائل، ڊرون حملن ۽ فوجي ڪارروائين سبب تڪرار وڌيڪ شدت اختيار ڪري رهيو آهي.
ايران جنگ ۾ ڪو به رحم نه ٿيندو، اڄ سڀ کان سخت حملا ٿيندا: آمريڪي بچاءُ وارو وزير
آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ ميڊيا بريفنگ دوران چيو آهي ته ايران جو ايئر ڊفينس سسٽم لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪو آهي، ايران سان جنگ ۾ ڪو به رحم نه ڪيو ويندو ۽ اڄ سڀ کان سخت حملا ڪيا ويندا.
پيٽ هيگسيٿ چيو ته ايراني حڪومت جا اڳواڻ زمين اندر بنڪرن ۾ هليا ويا آهن، آبناءِ هرمز ۾ جيڪا صورتحال آهي ان حوالي سان دنيا کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي.
ميڊيا بريفنگ دوران آمريڪي چيئرمين جوائنٽ چييفس آف اسٽاف چيو ته ايران تي حملن جو اڄ 14هون ڏينهن آهي، اڄ فوجي حملن جو سڀ کان ڳرو ڏينهن هوندو.
آمريڪي چيئرمين جوائنٽ چييفس آف اسٽاف چيو ته ٻن هفتن کان به گهٽ عرصي ۾ اسان ايراني سامونڊي فوج کي غير فعال ڪري ڇڏيو آهي، جڏهنته ايران وٽ اڃا به دوست فوجين ۽ واپاري جهازن کي نقصان پهچائڻ جي صلاحيت موجود آهي.
ضرورت پئي ته آمريڪا آبناءِ هرمز ۾ جهازن کي تحفظ ڏيندو: ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته آمريڪا آبناءِ هرمز مان گذرندڙ جهازن کي تحفظ فراهم ڪندو، جڏهن ته هن اهو به چيو ته ايندڙ هفتي ايران تي وڌيڪ سخت حملا ڪيا ويندا.
فوڪس نيوز کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن ضروري هوندو ته آمريڪا تيل بردار جهازن کي آبناءِ هرمز مان گذرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايندڙ هفتي اسان ايران تي تمام سخت حملا ڪرڻ وارا آهيون.
نيٽو ايران طرفان ترڪي ڏانهن فائر ڪيل ٽيون بيلسٽڪ ميزائل تباهه ڪري ڇڏيو
نيٽو تصديق ڪئي آهي ته ان جي ايئر ڊفينس سسٽ۾ ايران طرفان ترڪي ڏانهن فائر ڪيل ٽيون بيلسٽڪ ميزائل به تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
نيٽو جي ترجمان ايليسن هارٽ چيو ته نيٽو پنهنجي سمورن ميمبر ملڪن جي دفاع لاءِ مڪمل طور تي الرٽ آهي.
آمريڪا ۽ اسرائيل کي اهڙو سبق سيکارينداسين جيڪو هو ڪڏهن به وساري نه سگهندا: ايران
ايران چيو آهي ته هو آمريڪا ۽ اسرائيل کي اهڙو سبق سيکاريندو جيڪو هو ڪڏهن به وساري نه سگهندا.
ايراني پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ايران اهو قبول نٿو ڪري سگهي ته هڪ پاسي ڊائيلاگ ۽ جنگبندي جي ڳالهه ڪئي وڃي ۽ ٻي ڇاسي ٻيهر جنگي ڪارروائيون ۽ ڏوهه ورجاياوڃن.
هن چيو ته ايراني هٿياربند فوج دشمن کي نه وسارڻ جوڳو سبق سيکارڻ لاءِ پُرعزم آهي.
تهران ۾ حڪومت جي حمايت ۾ نڪتل ريلي جي ويجهو ڌماڪا
ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، مرڪزي تهران ۾ زور دار ڌماڪن جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، هزارين ايراني يومِ القدس جي موقعي تي فلسطينين جي حمايت ۾ مارچ ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.
اطلاعن موجب، ڪجهه ڌماڪن جا آواز ان هنڌ جي ويجهو ٻڌا ويا جتي اِهو مظاهرو جاري آهي.
برطانوي ميڊيا موجب، ڌماڪن کانپوءِ ڪيئي وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن.
وائرل وڊيوز ۾ ايراني راڄڌاني تهران ۾ هڪ ڌماڪو ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو حڪومتي حمايت ۾ نڪتل ريلي ويجهو ٿيو جيڪا يومِ القدس جي موقعي تي ڪڍي وئي هئي.
ايران ۾ يومِ القدس رمضان جي ڀلاري مهيني جي آخري جمعي تي ملهايو ويندو آهي.
اِهو ڏينهن 1979 ۾ اسلامي جمهوريه جي باني آيت الله روح الله خميني فلسطين جي مقصد جي حمايت ۽ اسرائيل جي مخالفت جي اظهار طور قائم ڪيو هو.
تهران جي مرڪزي انقلاب اسڪوائر جي ويجهو ٺهيل هڪ وڊيو ۾ ماڻهن کي ”الله اڪبر“ ۽ ”آمريڪا مرده باد“ جا نعرا هڻندي ٻڌي سگهجي ٿو، جڏهن ته پس منظر ۾ دونهين جا ڪڪر نظر اچي رهيا آهن.
وڊيوز ۾ اهو به ڏيکاريو ويو آهي ته مارچ ڪندڙن کي هٿن ۾ ايراني نئين سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي جون تصويرون کنيل آهن.
اسرائيلي ڊفينس فورسز ان کان اڳ ان علائقي جي ويجهو نيڪالي جي وارننگ جاري ڪئي هئي جتان هي ريلي نڪرڻي هئي.
نيٽو اثاثن ترڪي جي فضائي حدن ۾ ايراني ميزائل تباهه ڪري ڇڏيو
ترڪي جي بچاءَ واري وزارت موجب، ايران مان فائر ڪيل هڪ ميزائل کي نيٽو جي ”اثاثن“ تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
ڪاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”ايران مان فائر ڪيل هڪ بيلسٽڪ ميزائل جيڪو ترڪي جي هوائي حدن ۾ داخل ٿيو هو، ان کي اوڀر رومي سمنڊ ۾ مقرر نيٽو جي ايئر ۽ ميزائل ٽوڙ سسٽم ناڪارا بڻائي ڇڏيو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۽ ان جي هوائي حدن خلاف خطرن جي حوالي سان سمورا ضروري قدم پرعزم نموني کنيا پيا وڃن.
ايران هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي ويجهو آهي: آمريڪي صدر
آمريڪي صدر ٽرمپ جي جِي سيون ملڪن جي اڳواڻن سان ورچوئل ميٽنگ ٿي جنهن ۾ شامل 3 عهديدارن آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صدر ٽرمپ جِي سيوناڳواڻن جي اجلاس ۾ چيو ته ايران هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي ويجهو آهي. ٽرمپ چيو ته ايران ۾ هاڻي ڪو اهڙو اعليٰ عملدار باقي ناهي بچيو جيڪو هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو اعلان ڪري سگهي.
عهديدارن موجب، ٽرمپ جو چوڻ هو ته آبناءِ هرمز جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ڪمرشل جهازن کي آپريشن شروع ڪرڻ گهرجن، ٽرمپ چيو ته اسان کي هي ڪم مڪمل ڪرڻو پوندو ته جيئن 5 سالن کانپوءِ ايران سان ٻيهر جنگ نه ٿئي، جڏهن ته ٽرمپ جنگ جي خاتمي بابت پنهنجن مقصدن ۽ ٽائم لائين بابت واضح موقف نه ڏنو.
آمريڪي ميڊيا موجب، جِي سيون اڳواڻن ٽرمپ تي ايران واري جنگ ترت ختم ڪرڻ ۽ آبناءِ هرمز جلد محفوظ بڻائڻ تي به زور ڏنو.
آبناءِ هرمز بندش: روس کي تيل ذريعي روزانو 150 ملين ڊالر جو فائدو ٿيڻ لڳو
وچ اڀر جي جنگي صورتحال ۽ آبناءِ هرمز بندش سبب روس کي تيل مان روزانو 150 ملين ڊالر واڌو آمدني ٿي رهي آهي.
برطانوي رسالي موجب، ايران جنگ کانپوءِ روسي تيل جي گهرج ۾ واڌارو ٿيو آهي ۽ ڀارت ۽ چين وڏيون خريداري منڊيون بڻجي ويون آهن.
برطانوي رسالي جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر ۾ جنگي صورتحال ۽ آبناءِ هرمز بند ٿيڻ سبب روس کي تيل مان روزانو 150 ملين ڊالر واڌو آمدني ٿي رهي آهي.
برطانوي رسالي موجب، تيل برآمدات تي ٽيڪس مان روس کي هن وقت تائين 1.3 کان 1.9 ارب ڊالر غير متوقع فائدو ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن اگهه برقرار رهيا ته مارچ ۾ روس کي 3.3 کان 4.9 ارب ڊالر واڌو آمدني ٿي سگهي ٿي.
برطانوي رسالي جو چوڻ آهي ته ڀارت جي روسي تيل درآمدات 1.5 ملين بيرل روزانو تائين پهچي ويون آهن ۽ انهن ۾ هڪ مهيني اندر 50 سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي.
جنگ جي ميدان ۾ ناڪامي کانپوءِ دشمن هاڻي رستن تي بدامني پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: پاسدارانِ انقلاب
پاسدارانِ انقلاب سرڪاري ٽي وي تي نشر ٿيل بيان ۾ چيو آهي ته دشمن جنگ جي ميدان ۾ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي.
ايراني پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته دشمن هاڻي خوف پکيڙڻ ۽ رستن تي بدامني ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ٻيهر بدامني يا احتجاج ٿيو ته 8 جنوري کان به وڌيڪ سخت جواب ڏنو ويندو.
آمريڪا ايران خلاف جنگ دوران اهم جنگي هٿيارن جو وڏو ذخيرو استعمال ڪري چڪو: برطانوي اخبار
برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز جي رپورٽ موجب، آمريڪا ايران خلاف جنگ ۾ هينئر تائين اهم جنگي هٿيارن جو ايترو وڏو ذخيرو استعمال ڪري چڪو آهي جيڪو عام طور تي ڪيترن سالن لاءِ ڪافي هوندو آهي.
فنانشل ٽائمز موجب، تيزيءَ سان ختم ٿيندڙ آمريڪي هٿيارن ۾ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ جديد ٽاماهاڪ ميزائل پڻ شامل آهن.
آمريڪا عارضي طور روسي تيل تي مڙهيل پابنديون هٽائي ڇڏيون
وچ اوڀر جنگ سبب آمريڪا عارضي طور روسي تيل تي مڙهيل پابنديون هٽائي ڇڏيون آهن.
آمريڪي اخبار موجب، آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسينٽ چيو آهي ته روسي تيل تي پابندين ۾ تازي ڇوٽ 11 اپريل تائين برقرار رهندي، بدقسمتي آهي جو ان قدم سان روس کي فائدو ٿي سگهي ٿو، روسي تيل تي پابندين ۾ ڇوٽ مختصر مدي لاءِ آهي، ٽرمپ جي توانائي حامي پاليسين آمريڪي تيل ۽ گئس جي پيداوار کي رڪارڊ سطح تائين پهچائي ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب، روسي تيل جي فراهمي گذريل هفتي 16 لک بيرل وڌي 2 ڪروڙ 17 لک بيرل ٿي وئي، چين روس کان 1 ڪروڙ 24 لک بيرل تيل خريد ڪيو آهي جڏهن ته ڀارت جي خريداري 2 لک بيرل واڌ سان 86 لک بيرل تائين پهچي وئي آهي، ترڪيه جي بندرگاهن تي روسي تيل جي ترسيل 7 لک بيرل رهي.
آمريڪي ڇوٽ ملڻ کانپوءِ ڀارتي سامونڊي بندرگاهن تي 3 ڪروڙ بيرل روسي تيل پهتو، ان کانسواءِ ڀارت ايندڙ هفتي 50 لک بيرل روسي تيل وصول ڪرڻ وارو آهي.
”آزادي ويجهو آهي“ دنيا اڄ مختلف يوم القدس جو مشاهدو ڪندي: پاسداران انقلاب
ايراني پاسدارانِ انقلاب گارڊز جو چوڻ آهي ته دنيا اڄ مختلف يومِ القدس جو مشاهدو ڪندي.
پاسدارانِ انقلاب گارڊز جو چوڻ آهي ته القدس جي آزادي ويجهو آهي، فتح آزاديءَ جي ڳولائو ماڻهن ۽ مظلومن جي پهچ ۾ آهي، آپريشن وعده صادق 4 جي 44هين لهر اڄ صبح القدس جي شهيدن جي ياد ۾ فائر ڪئي وئي.
ايراني گارڊز موجب، پنجين آمريڪي سامونڊي ٻيڙي ۽ آمريڪي اڏن کي رمضان جي ڀلاري مهيني جي 23 هين صبح نشانو بڻايو، لڳاتار ۽ گڏيل آپريشن ۾ ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي اسرائيلي هدفن کي نشانو بڻايو پيو وڃي.
اسرائيل پاران 24 ڪلاڪن دوران ايران تي 200 کان وڌيڪ هدفن تي حملن جي دعويٰ
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، اسرائيل 24 ڪلاڪن دوران ايران تي 200 کان وڌيڪ هدفن تي حملن جي دعويٰ ڪئي آهي.
اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ڪالهه ايران جي اولهه ۽ وچين علائقن ۾ 200 کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻايو ويو، جنگي جهازن وڏي پئماني تي 20 حملا ڪيا، ايران جي بيلسٽڪ ميزائل لانچرز، ايئر ڊفنيس سسٽم ۽ هٿيار تيار ڪندڙ مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو.
پاسدارانِ انقلاب طرفان آمريڪي جهاز بردار جنگي ٻيڙي ابراهم لنڪن کي ميزائلن سان نشانو بڻائڻ جي دعويٰ
ايران جي پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي ايئرڪرافٽ ڪيريئر يو ايس ايس ابراهم لنڪن کي ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو جنهن سبب ان کي سخت نقصان پهتو آهي.
فضائي حدن جي ڀڃڪڙي تي 28 ڊرونز ڪيرايا ويا: سعودي بچاءَ واري وزارت
سعودي عرب جي بچاءَ واري وزارت طرفان گذريل ڪجهه ڪلاڪن دوران فضائي حدن جي ڀڃڪڙي تي 28 ڊرونز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
عراق جي شهر اربيل ۾ ڊرون حملي ۾ هڪ فرانسيسي فوجي مارجي ويو
خميس جي رات مخمور واري علائقي ۾ قائم پيشمرگا بيس تي حملي ۾ ڪيئي فرانسيسي فوجي زخمي ٿيا هئا، جڏهن ته هاڻي هڪ فرينچ فوجي جي مارجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي.
فرانسيسي صدر چيو آهي ته عراقي ڪردستان واري علائقي ۾ حملي ۾ ڪيترائي فرينچ فوجي زخمي پڻ ٿيا آهن.