ڪراچي (رپورٽر) صوبائي محتسب سنڌ محمد سهيل راجپوت عام عوام جي فائدي ۾ تاريخي فيصلو ڏيندي چيو آهي ته چوري ٿيل گاڏين جي بازيابي بعد سي پي ايل سي جي آن لائين ۽ ٽيليفون ذريعي تصديق ۾ رڪارڊ جي غلط هجڻ کي قانون جي خلاف ۽ وڪرو ڪندڙ لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو وڃي ٿو۔ هن چيو ته گاڏي جي تصديق جي ٻنهي طريقن ۾ هڪجهڙائي نه هجڻ سبب گاڏي جي وڪري وقت ان جي قيمت گهٽ لڳائي ويندي آهي، جيڪا وڪرو ڪندڙ لاءِ مالي نقصان سان گڏ ذهني تڪليف جو سبب پڻ بڻجي ٿي، جڏهن ته اهو سڄو عمل گاڏي جي قانوني حيثيت کي به مشڪوڪ بڻائي ڇڏيندو آهي، هن وڌيڪ چيو ته جڏهن چوري ٿيل گاڏي بازياب ٿي وڃي ۽ سڀ قانوني گهرجون پوريون ٿي وڃن ته سي پي ايل سي کي تصديقي عمل دوران گاڏي کي مڪمل طور “ڪليئر” ظاهر ڪرڻ گهرجي ۽ PLD 2026 Lahore 84 جي فيصلي ۽ عالمي رائج طريقن موجب پنهنجي ايس او پيز تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، صوبائي محتسب سنڌ سي پي ايل سي کي هدايت ڪئي آهي ته هو 45 ڏينهن اندر حڪمن تي عملدرآمد بابت رپورٽ پيش ڪري، اهو فيصلو هن شڪايت ڪندڙ محمد علي لاشاري جي درخواست تي ٻڌايو.