آمريڪا پاران پشاور ۾ پنهنجو قونصل خانو مستقل طور تي بند ڪرڻ جو فيصلو

واشنگٽن/پشاور (م ڊ) آمريڪي پرڏيهي وزارت پشاور ۾ قائم پنهنجي قونصل خاني کي مستقل طور تي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. هي مشن افغانستان  جي سرحد ويجهو آمريڪا جو هڪ انتهائي اهم سفارتي مرڪز سمجهيو ويندو هو. آمريڪي انتظاميا پاران هن فيصلي بابت ڪانگريس کي پڻ آگاهه ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب، قونصل خاني کي بند ڪرڻ جو مقصد خرچن ۾ گهٽتائي ڪرڻ آهي، جنهن سان ساليانو 75 لک ڊالرن جي بچت ٿيندي. آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته هي قدم ٽرمپ انتظاميا جي وفاقي ادارن جو خرچ گهٽائڻ واري منصوبي جو حصو آهي ۽ ان جو ايران سان جاري تڪرار سان ڪو به واسطو ناهي. پشاور قونصل خاني ۾ هن وقت 18 آمريڪي ۽ 89 مقامي ملازم ڪم ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.