پنوعاقل (عوامي آواز رپورٽ) جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل راشد محمود سومرو چيو آهي ته جي يو آءِ صرف مولوين جي پارٽي ناهي، جي يو آءِ صرف عالمن ۽ طالبن جي پارٽي ناهي، جي يو آءِ سنڌ جي ماڻهن پارٽي آهي، سنڌ جي عوام جو آواز بڻي آهي، توهان ڏسو ته هندو هجن، ديوبندي هجن، بريلوي هجن، شيعا هجن، وقفي وقفي سان اهي جي يو آءِ ۾ شامل ٿي رهيا آهن، جي يو آءِ جي پليٽ فارم تان ڌرتيءَ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، منهنجي جماعت جا دروازا سڀني لاءِ کليل آهن، پنوعاقل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پريا ڪماري جي حوالي سان منهنجي جماعت ڀرپور آواز اٿاريو آهي، هڪ هڪ تعلقي ۾ وڃي احتجاج ڪيا آهن ۽ ڀرپور احتجاج ڪيو آهي، مون ڪالهه به چيو هو ۽ اڄ پنهنجي بيان تي قائم آهيان ته پريا ڪماريءَ جا پيرا کڻندئو ته اوهان جي حڪمران ڌر تي گهرن ۾ ملندا، هيڏي هوڏي واجهائڻ جي ضرورت ناهي، حڪومت سنجيدگي سان سکر جي آسپاس جي پ پ جي ماڻهن جي گهرن جو جائزو وٺي ته پريا ڪماري اوهان کي اتان ئي ملندي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جڏهن حڪومت ڏوهارين سان ڊيل ڪندي، ڏوهارين جي لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇائيندي، ڏوهارين لاءِ وليمي وانگر مينيو ٺاهي ڪري انهن کي بوفي تي سرينڊر ڪرائيندي ته پوءِ انجام اهو ئي ٿيندو، ڏوهه گهٽجڻ بدران وڌي ويا آهن، مون مهانگائي خلاف 3 مارچ ڪيا، خوشي آهي ته سنڌ تي جڏهن ڏکيو وقت اچي ٿو ته ماڻهو ياد ڪن ٿا، اوهان عمران خان جي دور ۾ ڪيل مارچ ياد آهي باقي مون بلاول ڀٽو خلاف اليڪشن وڙهي، الائي ڪيترا پ پ خلاف جلسا ڪيا آهن اهي اوهان کي ياد ناهن.