سنڌ جو گورنر نامزد ٿيڻ تي نهال هاشمي جو پهريون بيان اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم طرفان سنڌ جو گورنر نامزد ڪرڻ کانپوءِ نهال هاشمي جو پهريون بيان اچي ويو.
نهال هاشمي پنهنجي بيان ۾ چيو ته الله جو شڪر ادا ڪيان ٿو، وزيراعظم ۽ ن ليگ قائد نواز شريف جو به ٿورائتو آهيان.
هن صدر آصف علي زرداري جا به ٿورا مڃيا ۽ چيو ته حلف برداري کانپوءِ پنهنجي ترجيحن کان آگاهه ڪندس.
واضح رهي ته ن ليگ اڳواڻ نهال هاشمي کي سنڌ جو گورنر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وزيراعظم سمري منظوري لاءِ صدر کي موڪلي ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.