لنڊن (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مسٽري اسپنر ابرار احمد کي انگلينڊ جي دي هَنڊريڊ ليگ جي نيلامي دوران ڀارتي ملڪيت رکندڙ فرنچائز سن رائيزرز ليڊز خريد ڪري ورتو آهي.
سن رائيزرز ليڊز مردن جي دي هَنڊريڊ نيلامي دوران مسٽري اسپنر ابرار احمد کي 255000 آمريڪي ڊالرز ( اٽڪل7.12 ڪروڙ پاڪستاني رپين) ۾ خريد ڪيو، جنهن سان هو ٽورنامينٽ ۾ ڪنهن ڀارتي ملڪيت واري ٽيم طرفان خريد ڪيل پهريون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو.
واضح رهي ته سن رائيزرز ليڊز فرينچائز ڀارت جي ڪانگلوميريٽ سن ٽي وي گذريل سال خريد ڪئي هئي، جنهن جو پراڻو نالو نادرن سپرچارجرز آهي.
دي هَنڊريڊ ليگ جي نيلامي دوران ابرار احمد ٻيو پاڪستاني رانديگر هو جيڪو وڪرو ٿيو، ان کان اڳ عثمان طارق کي بَرمنگهيم فِينڪس 187000 آمريڪي ڊالرز (5.32 ڪروڙ پاڪستاني رپين ) ۾ خريد ڪيو هو.
You might also like