نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هندن جي مذهبي تهوار ” ڪمڀ ميلي “ دوران سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ نوجوان ناري مونا ليزا ڀوسلي هڪ ڀيرو ٻيهر سرخين ۾ آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، هن واري موناليزا سمورين رنڊڪن ۽ مخالفت باوجود پنهنجي مسلم بواءِ فرينڊ محمد فرمان سان شادي ڪرڻ سبب خبرن ۾ آهي.
رپورٽن موجب، ڪجهه ڏينهن کان صورتحال تڪراري ٿي وئي هئي جڏهن مونا ليزا جا گهرڀاتي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته هن کي زبردستي گهر واپس وٺي اچن، پر اهڙي صورتحال باوجود ٻنهي پنهنجي رشتي کي اڳتي وڌائيندي شادي جو فيصلو ڪيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، مونا ليزا ۽ محمد فرمان جي پهرين ملاقات سوشل ميڊيا پليٽفارم فيس بڪ ذريعي ٿي هئي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻنهي جي وچ ۾ ڪجهه مهينا اڳ رومانوي لاڳاپا قائم ٿيا، پر جڏهن مونا جي خاندان کي خبر پئي ته هو هڪ مسلمان ڇوڪري سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي ته هنن سخت مخالفت شروع ڪئي.
مونا ليزا ڀوسلي چيو ته سندس والد کيس زبردتي ڪنهن ٻئي سان شادي ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيو هو، جنهن سبب هن پنهنجي حفاظت لاءِ پوليس کان مدد طلب ڪئي، ان واقعي کانپوءِ ٻنهي جي شادي جي خبر سامهون آئي.
ٻئي پاسي ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد فرمان چيو ته سندن محبت جي ڪهاڻي رڳو ڇهه مهينا پراڻي آهي، پر کين ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هو هڪٻئي کي ڏهاڪن کان ڄاڻن ٿا، هن ٻڌايو هو پيشي جي لحاظ کان اداڪار آهي.
واضح رهي ته ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي شهر اندور سان واسطو رکندڙ مونا ليزا ڀوسلي پهريون ڀيرو تڏهن مشهور ٿي جڏهن ”مها ڪمڀ ميلي“دوران پرياگ راج ۾ مالهائون وڪرو ڪندي سندس وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون، وڊيوز تيزي سان وائرل ٿيڻ کانپوءِ انٽرنيٽ سينسيشن بڻجي ويئي ۽ بعد ۾ هن کي فلمن ۾ ڪم جا موقعا پڻ مليا.