ڀارتي ڪرڪيٽ ميزبان جو مشهور بالي ووڊ اداڪارا سان پرڻو، تصويرون وائرل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار، ڪرڪيٽ تجزئي نگار ۽ ميزبان گورو ڪپور ۽ ناليواري اداڪارا ڪرتيڪا ڪمرا شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا، جوڙي جي شادي جي تقريب ۾ ڪيئي مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي، جن جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڪرتيڪا ڪمرا ۽ گورو ڪپور اربع ڏينهن ڀارتي رياست مهارشٽرا جي راڄڌاني ممبئيءَ جي پوش علائقي باندرا ۾ پنهنجي گهر تي هڪ سادي تقريب دوران شادي ڪئي، جنهن ۾ جوڙي جي گهرڀاتين ۽ ويجهن دوستن شرڪت ڪئي.
روايتي شاديءَ جي تقريب بدران ڪرتيڪا ۽ گورو پنهنجن گهرن ۾ رجسٽرار ذريعي شادي ڪرڻ جو جو فيصلو ڪيو.
شادي واري ڏينهن ڪرتيڪا ڪمرا ڳاڙهي رنگ جي ساڙهي ۾ نظر آئي، جيڪا سندس ماءُ پنهنجي برانڊ مان کيس تحفي طور ڏني هئي، جڏهن ته گورو ڪپور ڊيزائنر طرفان تيار ڪيل آئيوري ۽ سونهري روايتي لباس ۾ نظر آيو.
تازي پرڻيل جوڙي شادي جون تصويرون ڪڍرايون ۽ خوشي جو اظهار ڪندي مٺائي پڻ ورهائي، سندن تصويرون سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي ويون.
شاديءَ ۾ بالي ووڊ جي ڪيترين مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي، جن ۾ فرحان اختر، سوها علي خان، ملائيڪا اروڙا، رِيا چڪرورتي، جڏهن ته ڀارتي ڪرڪيٽر وريندر سهواگ، اشيش نهرا، يووراج سنگهه ۽ ظهير خان پنهنجين گهروارين سميت شريڪ ٿيا..
ڪرتيڪا ڪمرا ۽ گورو ڪپور پنهنجي شاديءَ جي تقريب کي يادگار بڻايو، شادي جو پروگرام ڊانس پارٽيءَ ۾ تبديل ٿي ويو، جنهن ۾ ڪيئي مشهور شخصيتن پڻ حصو ورتو.
اداڪار ۽ هدايتڪار فرحان اختر به ڊانس پارٽي حصو ورتو، ان دوران ڪرڪيٽر اشيش نهرا کي پنهنجي ننڍي پٽ سان گڏ ڊانس ڪندي ڏٺو ويو، جنهن محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، تقريب جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.