اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڦيرڦار جو اعلان سڀاڻي ڪيو ويندو.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جا اگهه وڌي رهيا آهن.
هن چيو ته انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جو پريس رليز جاري ٿي چڪو آهي، جنهن موجب وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جا پاڪستاني معيشت تي اثر نوٽ ڪيا پيا وڃن، جيڪڏهن جنگ ڊگهي ٿي ته ٻاهرين ادائيگين تي دٻاءُ وڌي ويندو.
ٻئي پاسي پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته جمعي ڏينهن پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڦيرڦار جو اعلان ڪيو ويندو، جڏهن ته پيٽروليم شين جي سراسري قيمتن جي بنياد تي نوان اگهه مقرر ڪيا ويندا.
هن چيو ته ته پيٽرول مهانگو ٿيندو يا نه، في الحال ڪجهه به نٿو چئي سگهجي.
واضح رهي ته علائقائي صورتحال ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي وڌندڙ اگهن کي نظر ۾ رکندي حڪومت گذريل هفتي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 55 رپيا واڌ ڪئي هئي.