اسرائيل پاران ايران جي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ واري ڪمپائونڊ کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ، تمام جلد تيل سستو ٿي ويندو: ٽرمپ

اسلام آباد/تهران/تل ابيب/واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري تڪرار وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آهي، جتي اسرائيل تهران ۾ مبينا طور جوهري هٿيارن سان لاڳاپيل ڪمپائونڊ کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، اتي خطي ۾ سامونڊي جهازن، هوائي اڏن ۽ اهم ٿاڪن تي حملن جون رپورٽون به سامهون اچي رهيون آهن. ساڳئي وقت ايران ۾ ڇوڪرين جي اسڪول تي ٿيل حملي کانپوءِ آمريڪا ۾ به سوال اُٿڻ لڳا آهن ۽ آمريڪي سينيٽ جي ڊيموڪريٽس بچاءَ واري وزير کان وضاحت طلب ڪئي آهي. برطانوي ميرٽائم اختيارين موجب، جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ نار، آبنائي هرمز ۽ نارِ عمان ۾ ڪيترن ئي جهازن تي حملا رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته ڪويت انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڊرون حملي جي به خبر آهي. ٻئي طرف اسرائيل ايران خلاف وڏي پيماني تي حملن جي نئين لهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه تمام جلد نمايان طور گهٽجي ويندا. پاڪستان پرڏيهي آفيس جاري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي تڪرار جو پرامن حل ڳولڻ تي زور ڏنو آهي. هواڏنهن عراق پنهنجن آئل ٽرمينلز جو آپريشن معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته رپورٽن موجب ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري جنگ جي شروعاتي ڇهن ڏينهن دوران آمريڪا کي اربين ڊالرن جو خرچ برداشت ڪرڻو پيو آهي. ساڳئي وقت ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو کي اسرائيلين لاءِ وڏي آفت قرار ڏنو آهي، جڏهن ته ايران آمريڪا ۽ اسرائيل کي ”مڪمل سزا“ ڏيڻ تائين جنگ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اسرائيل جي ايران جي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ واري ڪمپائونڊ کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ
اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ”گذريل ڏينهن ڪيل حملن ۾ هنن تهران ۾ جوهري هٿيار ٺاهڻ واري ڪمپائونڊ کي نشانو بڻايو آهي.“

ايران ۾ ڇوڪرين جي اسڪول تي حملي کانپوءِ آمريڪا ۾ سوال اُٿڻ لڳا
آمريڪي سينيٽ ۾ ڊيموڪريٽس بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ کي خط لکي ايران خلاف جنگ جي شروعات دوران ڇوڪرين جي اسڪول تي ٿيل حملي بابت جواب طلب ڪيا آهن.
ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته ان حملي ۾ 110 ٻارن سميت 168 ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا.
آمريڪي ميڊيا موجب، آمريڪي فوج جي جاچ مان اهو سامهون آيو آهي ته ممڪن آهي ان حملي جون ذميوار آمريڪي فورسز ئي هجن، جيتوڻيڪ اڃا حتمي نتيجو سامهون نه آيو آهي.
پينٽاگون جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ جاري آهي.
هي خط سينيٽ جي لڳ ڀڳ سمورن ڊيموڪريٽس طرفان لکيو ويو آهي، ان ۾ هيگسيٿ کان ميناب ۾ ٿيل هن حملي بابت تفصيلي سوال ڪيا ويا آهن.
پهريون سوال ئي اهو آهي ته ڇا هي حملو آمريڪا ڪيو هو؟
خط ۾ اهو به پڇيو ويو آهي ته ڇا ڇوڪرين جي اسڪول کي نشانو بڻائڻ جو سبب غلط اندازو هو؟
۽ ڇا جنگي ڏوهن کان بچاءَ وارن اصولن تي عمل ڪيو ويو؟
جيڪڏهن ثابت ٿي وڃي ته ان حملي ۾ آمريڪا جو ڪردار هو ته اهو وچ اوڀر ۾ آمريڪي تڪرارن دوران عام شهرين کي نشانو بڻائڻ جي بدترين واقعن مان هڪ هوندو.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مختلف موقعن تي چوندو رهيو آهي ته ”سندس خيال ۾ اِهو حملو ايران پاڻ ڪيو“ پر هو ان جو ڪو ثبوت پيش ناهي ڪري سگهيو.
ان حملي جي وڊيو ۾ به ڏسي سگهجي ٿو ته آمريڪي ٽوماهاڪ ميزائل هڪ ايراني فوجي اڏي تي ڪِري ٿو جيڪو اسڪول جي ويجهو قائم هو.
ان کان اڳ هيگسيٿ ان حملي بابت سوال تي چيو هو ته آمريڪا شهرين کي نشانو نه بڻايو آهي ۽ واقعي جي جاچ جاري آهي.

جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ بحري جهازن تي 16 حملن جون رپورٽون: يو ڪي ايم ٽي او
برطانوي ميرٽائم ٽريڊ آپريشنز (يو ڪي ايم ٽي او) موجب 28 فيبروري تي جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ نار، آبنائي هرمز ۽ نار عمان ۾ هينئر تائين 16 سامونڊي جهازن تي حملن جون رپورٽون مليون آهن.
يو ڪي ايم ٽي او موجب، تڪرار دوران شڪي سرگرمين جون به چار رپورٽون مليون آهن.

ڪويت انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڊرون حملو
ڪويت جي سرڪاري خابرو اداري موجب، ڪيئي ڊرونز ذريعي ڪويت جي بين الاقوامي هوائي اڏي کي نشانو بڻايو آهي، اها خبر سول ايويئيشن اٿارٽي جي حوالي سان ڏني وئي آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ” ڊرونز حملي ۾ ڪنهن به قسم جو جاني نقصان ناهي ٿيو، پر مالي نقصان ضرور ٿيو آهي.“

اسرائيل ايران خلاف وڏي پيماني تي حملن جي نئين لهر شروع ڪري ڇڏي
اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته هن ايران خلاف وڏي پيماني تي حملن جي لهر شروع ڪري ڇڏي آهي.
ٽيليگرام پوسٽ ۾ اسرائيلي ڊفينس فورسز چيو آهي ته حملن ۾ ايراني حڪومتي ڍانچي کي نشانو بڻايو پيو وڃي.

تيل جا اگهه ايتري حد تائين گهٽجي ويندا جو ڪنهن سوچيو به نه هوندو: ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته تيل جا اگهه تمام جلد گهٽجي ويندا ۽ ايتري حد تائين گهٽجي ويندا جو ڪنهن سوچيو به نه هوندو.
ڪينٽڪي ۾ پنهنجن حامين کي خطاب ڪندي صدر ٽرمپ چيو ته 32 ملڪن طرفان تيل جا ذخيرا جاري ڪرڻ جي فيصلي سان اگهن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي.
ان کان اڳ هن تيل جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن کي جنگ جو معاملو قرار ڏنو.
هن چيو ته ” تمام جلد اگهن ۾ نمايان طور لاٿ ايندي، هي رڳو جنگ جو معاملو آهي، ائين ٿيندو آهي، توهان لڳ ڀڳ ان جي اڳڪٿي ڪري سگهو ٿا.
صدر ٽرمپ چيو ته آمريڪا آبنائي هرمز تي گهري نظر رکندو.
هن وڌيڪ چيو ته ” آبنائي بهترين حالت ۾ آهي، اسان ان (ايران) جون هڙئي ٻيڙيون تباهه ڪري ڇڏيون آهن، انهن وٽ ڪجهه ميزائل آهن، پر اهي تمام ٿوري انگ ۾ آهن. “

وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳڻتي آهي، پاڪستان جاري ڇڪتاڻ جو پرامن حل چاهي ٿو: پرڏيهي کاتو
پرڏيهي آفيس ۾ هفتيوار پريس بريفنگ دوران ترجمان طاهر حسين اندابي چيو ته پاڪستان ايران تي حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ سمورين ڌرين کي صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان خطي جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، وزيراعظم مجتبيٰ خامنه اي کي سپريم ليڊر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.
ترجمان جو چوڻ هو ته وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳڻتي آهي، پاڪستان وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ جو پرامن حل چاهي ٿو، پاڪستان برادر نار ملڪن سان ايڪي جو اظهار ڪري ٿو.

عراق پاران آئل ٽرمينلز آپريشن مڪمل طور معطل ڪرڻ جو اعلان
عرب ميڊيا موجب، عراق جي پيٽروليم واري وزير سڀني آئل ٽرمينلز جو آپريشن مڪمل طور معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
عراقي وزير جو چوڻ هو ته آئل ٽرمينلز جو آپريشن معطل ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته عراق ۾ واپاري بندرگاهون معمول موجب ڪم ڪري رهيون آهن.
واضح رهي ته عراقي وزير جو اِهو حڪم بصرا جي اُم قصر بندرگاهه تي ٻن ٽينڪرن تي حملي کانپوءِ سامهون آيو آهي.

ايران سان جنگ ۾ شروعاتي 6 ڏينهن دوران 11.3 ارب ڊالر خرچ ٿيا: آمريڪي اخبار
ايراني پاسدارانِ انقلاب خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل ايراني بندرگاهن کي نشانو بڻايو ته خطي ملڪن جي بندرگاهن کي به نشانو بڻايو ويندو، ڪو به ملڪ پاڻ کي هن بحران کان ڌار نٿو ڪري سگهي.
ايراني ميڊيا موجب، دبئي ۾ آمريڪي فوجي اهلڪارن جي رهائشگاهه کي ڊرون ذريعي نشانو بڻايو ويو.
برطانوي ميرٽائم ايجنسي موجب، يو اي اي ويجهو ڪنٽينر جهاز تي اڻڄاتل پروجيڪٽائل لڳڻ سبب باهه لڳي وئي، جڏهن ته جهاز جي عملي جي محفوظ هئڻ جون خبرون آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، بحرين جي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته ايران محراق گورنري ۾ فيول ٽينڪن کي نشانو بڻايو، فيول ٽينڪن تي حملي کانپوءِ بحرين جي شهرين کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
هدايت نامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ”محراق جا شهري گهرن ۾ رهن ۽ دونهين جي امڪاني اثرن کان بچڻ لاءِ احتياطي اپاءَ اختيار ڪن.“
هواڏنهن نيويارڪ ٽائمز پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ پينٽاگون جي ذريعن جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو آهي ته ايران سان جنگ جي شروعاتي ڇهن ڏينهن دوران 11 ڏهائي 3 ارب ڊالر خرچ ٿيا.
رپورٽ ۾ آمريڪي اختيارين ٻڌايو ته هن وقت آبنائي هرمز ۾ جنگي جهاز موڪلڻ نهايت خطرناڪ آهي.

نيتن ياھو هولوڪاسٽ کانپوءِ اسرائيلين لاءِ سڀ کان وڏي آفت بڻجي ويو آهي: ترڪ صدر
ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته نيتن ياھو هولوڪاسٽ کانپوءِ اسرائيلين لاءِ سڀ کان وڏي آفت بڻجي چڪو آهي، اسرائيلي پناهه گاهن ۾ راتيون گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.
هن چيو ته هاڻي اسرائيلي به چئي رهيا ته نيتن ياھو هولوڪاسٽ کانپوءِ سڀ کان وڏي مصيبت جي علامت آهي، جڏهن ته اسان جو ڌيان صورتحال وڌيڪ بگڙجڻ کان اڳ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوششن تي کتل آهي.
ترڪ صدر جو چوڻ آهي ته جنگ کي روڪڻ گهرجي ان کان اڳ جو اِها باهه وڌيڪ پکڙي ۽ سڄي خطي کي وڪوڙي وڃي، ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

ايران جو آمريڪا ۽ اسرائيل کي مڪمل سزا ڏيڻ تائين جنگ جاري رکڻ جو اعلان
ايراني گڏيل فوجي ڪمانڊ خاتم الانبيا هيڊڪوارٽر جي ترجمان ابراهيم ذوالفقاري چيو آهي ته ايران هاڻي جوابي حملن جي پاليسي ختم ڪري آمريڪا ۽ اسرائيل کي سزا ڏيڻ لاءِ مسلسل حملن جي پاليسي اختيار ڪرڻ وارو آهي.
ابراهيم ذوالفقاري چيو ته تيل جا اگهه مصنوعي طريقن سان گهٽائي نٿا سگهجن، آبنائي هرمز مان تيل جو هڪ ڦڙو به ٻاهر نه ويندو، 200 ڊالر في بيرل جي اميد رکو، اسرائيل، آمريڪا ۽ سندن اتحادي ملڪن جي جهازن کي نشانو بڻايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.