واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران ۾ جاري جنگ جلد ختم ٿي ويندي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ايران ۾ نشانو بڻائڻ لاءِ هاڻي عملي طور گهڻو ڪجهه باقي ناهي، تنهن ڪري جنگ به جلدپڄاڻي تي پهچي ويندي، ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته جڏهن هو چاهيندو ته ايران سان جنگ ختم ٿي ويندي، هن چيو ته آمريڪا جي ايران سان جاري جنگ ”تمام سٺي انداز“ ۾ هلي رهي آهي ۽ ان جا نتيجا توقع کان به بهتر آهن، آمريڪي صدر موجب آمريڪي فوج اميد کان وڌيڪ نقصان پهچايو آهي ۽ آپريشن طئي ٿيل شيڊول کان اڳتي هلي رهيو آهي، ڇهن هفتن جي اصل منصوبي کان به وڌيڪ نقصان پهچايو ويو آهي.