وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي وزيرن ۽ ڪامورن کي 50 ڪروڙ رپين تائين ڪرپشن جي اجازت

اسلام آباد(رئوف ڪلاسرا)پاڪستان مان 127 ارب رپين جي مني لانڊرنگ جو انڪشاف،وڏن وڏن ماڻهن اربين رپيا غيرقانوني طور ٻاهرين ملڪ موڪلي ڇڏيا،ادارا خاموش تماشائي بڻيل،نيب ڪرپشنبدران دوکيبازي وارن ڪيسن ڏانهن پنهنجو رخ ڪري ورتو آهي، پاڪستان ۾ هڪ لک 29 هزار ماڻهن سان دوکو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پاڪستانين سان دوکو ڪري 213 ارب رپيا ڦٻائڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي، شهبازشريف جي حڪومت جڏهن 2022ع ۾ آئي ته ان پهريون ڪم اهو ڪيو ته ڪرپشن خلاف قانونن ۾ ترميمون ڪري اداري جا اختيار ئي ختم ڪري ڇڏيا،هاڻي نيب وٽ ٻيو ڪو ڪم ناهي سرڪاري زمينن جي ريڪوري ۽ هائوسنگ سوسائٽين ۾ ماڻهن جي پئسن جي واپسي ۾ ئي رڌل آهي،قانوني طور تي هاڻي نيب وزيراعظم،ڪابينا ميمبرن،وڏن ادارن ۽ ڪامورن کي ٽچ نٿي ڪري سگهي،اهي هاڻي نيب کان مٿانهان آهن،انهن حالتن ۾ نيب ڪهڙي ڪارڪردگي ڏيکاريندي؟جڏهن ته آءِ ايم ايف رپورٽ مان پاڪستاني سمجهندا رهيا ته نيب شايد 5 کرب رپين جي وصولي ڪئي آهي هاڻي انڪشاف ٿيو آهي ته نيب ته 11 کرب رپين جي ريڪوري ڪري چڪي آهي ۽ اهو سڀ سرڪاري زمينن جي ريڪوري آهي،ڪرپشن جي پئسن جي ريڪوري ناهي،سينيٽ ڪميٽي ۾ نيب انڪشاف ڪيو آهي ته پارليامينٽ اسان جا هٿ ۽ پير ڪٽي ڇڏيا 50 ڪروڙ کان هيٺ ڪرپشن ڪندڙن کي اسان هٿ نٿا لڳائي سگهون،سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي وزيرن ۽ڪامورن کي ڪرپشن ڪرڻ جي اجازت مليل آهي،اهي مڪمل آجا بڻيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.