ميڊريڊ(ويب ڊيسڪ) اسپين جي حڪومت اسرائيل مان پنهنجو سفير واپس گهرائي ورتو، جنهن جي تصديق اربع ڏينهن شايع ٿيل سرڪاري گزيٽ ۾ ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اسپين جي پرڏيهي وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته تل ابيب ۾ اسپين جو سفارتخانو هاڻي ناظم الامور جي سربراهي ۾ ڪم ڪندو.
واضح رهي ته اسپين اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا 1986ع ۾ قائم ڪيا هئا، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ موجود رهي آهي، اسپين غزا جنگ سميت ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي به سخت مخالفت ڪئي هئي.
گذريل ڏينهن اسپين جي پرڏيهي وزير چيو هو ته ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جي مخالفت تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي واپاري پابندين جي ڌمڪين باوجود اسپين ۽ آمريڪا جا لاڳاپا معمول موجب هلي رهيا آهن.
اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز جي حڪومت گذريل هفتي ايران خلاف جنگ کي غير قانوني قرار ڏيندي ان جي مخالفت ڪئي هئي ۽ آمريڪي جهازن کي ڏکڻ اسپين ۾ موجود گڏيل فوجي اڏن کي ايران خلاف ڪارروائين لاءِ استعمال ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو هو.