واشنگٽن/فلوريڊا (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران هرمز جي لنگهه بابت ڏنل بيانن عالمي سطح تي نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي. ٽرمپ اشارو ڏنو آهي ته آمريڪا هن اهم سامونڊي لنگهه جو ڪنٽرولسنڀالي سگهي ٿو، پر قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا وٽ اهڙو ڪو به قانوني اختيار ناهي. برطانوي قانوني فرم جي ماهر اليگزينڊر فريمن موجب، هرمز جي پٽي ايران ۽ عمان جي حدن ۾ اچي ٿي، تنهنڪري انهن جي اجازت کانسواءِ ڪا به ڪارروائي عالمي قانونن جي لتاڙ هوندي. سياسي تجزيي نگارن جو خيال آهي ته جيڪڏهن تيل جون قيمتون وڌيون ۽ نومبر ۾ ٿيندڙ آمريڪي مڊٽرم چونڊن جو دٻاءُ وڌيو ته ٽرمپ انتظاميا کي ايران سان جنگ روڪڻ بابت سوچڻو پوندو.