ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ايل پي جي جو اگهه تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ مارڪيٽ ۾ ان جي ريٽيل قيمت 320 مان وڌي 350 رپيا ڪلو تائين پهچي وئي آهي.
ايل پي جي مارڪيٽنگ ايسوسيئيشن جي اڳواڻ علي حيدر موجب ايل پي جي ڪجهه ڏينهن اڳ 250 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي هئي، جنهن جي اگهه ۾ عالمي حالتن سبب تيزيءَ سان واڌ ٿي آهي.
هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ روس يا اومان کان ايل پي جي درآمد ڪرڻ جا انتظام ڪيا وڃن ته جيئن مارڪيٽ سپلاءِ بهتر ٿي سگهي ۽ اگهن ۾ استحڪام اچي.
You might also like