دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي ٽيم آف دي ٽورنامينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ پاڪستان جو صاحبزادا فرحان به شامل آهي.
آءِ سي سي جي ميگا ايونٽ جي ٽيم ۾ صاحبزادا فرحان کي به شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو ٽورنامينٽ ۾ 7 ميچن ۾ 383 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو.
ٽيم آف دي ٽورنامينٽ ۾ ڀارت جا 4، انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جا 2-2، جڏهن ته زمبابوي ۽ ويسٽ انڊيز جو هڪ – هڪ رانديگر شامل ڪيو ويو آهي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٽيم ۾ فائنل کيڏندڙ نيوزيلينڊ جو ڪو رانديگر شامل ناهي، جڏهن ته آمريڪا جي شاڊلي وان شاڪوائڪ کي 12هين رانديگر طور شامل ڪيو ويو آهي.
ٽيم ۾ صاحبزادا فرحان، سنجو سيمسن، ايشان ڪشن، هارديڪ پانڊيا، جسپريت بمرا، ول جيڪس، عادل رشيد، لنگي نگيڊي، مارڪرم، بليسنگ مزراباني، جيسن هولڊر شامل آهن.
You might also like