ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي چيو آهي ته بنگلاديش خلاف سيريز لاءِ سڀ رانديگر محنت ڪري رهيا آهن.
پهريون ٽريننگ سيشن مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڳالهائيندي شاهين آفريدي چيو ته ڪيمپ جو ماحول حوصلو وڌائيندڙ آهي، اسڪواڊ ۾ تجربي ڪار سينيئر رانديگرن سان گڏ نوجوان ٽيلينٽ به شامل آهي، جن کي ٽيم جي مجموعي توازن ۽ ڪامبينيشن کي نظر ۾ رکندي چونڊيو ويو آهي.
هن چيو ته سڀ رانديگر سخت محنت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته بنگلاديش جا ماڻهو راند کي دل سان سپورٽ ڪندا آهن ۽ سدائين وڏي انگ ۾ ميچون ڏسڻ لاءِ ايندا آهن.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز 11 مارچ کان شروع ٿيندي.
You might also like