عيدالفطر: سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن کي وڏي خوشخبري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت عيدالفطر جي ڪري مارچ 2026 جي پگهار ۽ پينشن وقت کان اڳ ادا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ حڪومت عيدالفطر کان اڳ سرڪاري ملازمن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي، سڀني مسلم سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن کي ادائيگيون 16 مارچ تي ٿينديون، سنڌ حڪومت ان حوالي سان منظوري ڏئي ڇڏي.
صوبائي حڪومت عيدالفطر جي ڪري اهو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن ملازم ۽ پينشنر عيد جي تياري ڪري سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.